اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) اطلاع??ت، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري ??گر??ن وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊن ۾ عوام جي فيصلي جي تڪميل جي لاءِ قوم?? ا??يمبلي جو اجلاس جلد گهرايو ويندو، چونڊيل حڪومت جي لاءِ چئلينجز به وڏا هوندا، نشريات جي حوالي سان جديد رجحانن بابت سوچڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي، پي ٽي وي مقامي زبانن جي بهتر ترجماني ڪئي، نيوز ليٽر جاري ڪرڻ تي پي ٽي وي ج?? ا??ارتي ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو. اها ڳالهه هن پا??ست??ن ٽيليويزن ڪارپوريشن جي نيوز ليٽر جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، ايم ڊي پي ٽي وي مبشر توقير شاهه ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪند?? ا??لاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ??گر??ن وفاقي وزير چيو ته هڪ نشريات?? ا??اري پاران نيوز ليٽر جاري ڪرڻ ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته مون صحافت جي شروعات پرنٽ رپورٽنگ سان ڪئي هئي، دي نيوز اخبار جي لانچنگ ٽيم جو حصو هئس جنهن جي پهرين اخبار 11 فيبروري 1991ع تي شايع ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ??گر??ن وفاقي وزير چيو ته نشريات جي حوالي سان جديد رجحانن بابت سوچڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. جهڙي طريقي سان اسان ڊيجيٽل دور ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، ان جا چئلينجز به ايترا ئي وڏا آهن، آرٽيفيشل انٽيلي جنس، ڊيپ فيڪ، ??ائيس ڪلوننگ جهڙا وڏا چئلينجز موجود آهن. هن چيو ته پي ٽي وي کي پنهنجي مستقبل کي روشن بڻائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجيز طرف وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ ڊيجيٽل پراڊڪٽس جو مقابلو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ??گر??ن دور ۾ پا??ست??ن ٽيليويزن غيرجانبدار قومي نشريات?? ا??اري طور تي ڪم ڪيو، پي ٽي وي ڪنهن خاص پارٽي، ڪنهن خاص سياسي نظريي ۽ ڪنهن خاص اميدوار جي حق ۾ ڪا مهم نه هلائي. هن چيو ته پا??ست??ن جي عوام چونڊن ۾ پنهنجو فيصلو ڏنو آهي، ان فيصلي جي تڪميل جي لاءِ جلد قوم?? ا??يمبلي جو اجلاس گهرايو ويندو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پا??ست??ن جيئن ئي سرڪاري نتيجا جاري ڪندي، قوم?? ا??يمبلي جو اجلاس گهرايو ويندو. هن چيو ته چونڊيل حڪومت جي لاءِ چئلينجز به وڏا هوندا. ??گر??ن وفاقي وزير چيو ته پا??ست??ن ٽيليويزن جو بنيادي مقصد تبديل نه ٿيندو، پي ٽي وي عوام جي ٽيڪس جي پئسي سان هلي ٿي، پي ٽي وي عوامي مفاد کي نظر ۾ رکندي پروگرام جوڙيا آهن. هن چيو ته پي ٽي وي مقامي زبانن جي بهتر ترجماني ڪئي آهي، پي ٽي وي کي پنهنجو اهو مشن جاري رکڻو آهي. هن چيو ته ??گر??ن حڪومت جي دور ۾ ملتان ٽيليويزن سينٽر جي 24 ڪلاڪ نشريات شروع ٿي، بلوچستان ۾ پي ٽي وي بولان تي بلوچي ۽ براهوي زبانن سان گڏوگڏ هزارگي زبان ۾ پڻ پروگرام شروع ڪرايا. هن چيو ته پي ٽي وي جتي رياست جي ترجمان آه?? ا??ي عوام ۽ عوامي مفاد جي پڻ ترجمان آهي، اداري جو سٺو مستقبل سٺي ڪارڪردگي سان واڳيل آهي، بهتر ڪارڪردگي، بهترين ٽي و?? ا??ڪرين، بهترين پروگرام ئي عوام ج?? ا??تماد جو سبب بڻجندا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ??گر??ن وفاقي وزير نيوز ليٽر جاري ڪرڻ ت?? ا??لاعات واري سيڪريٽري، ايم ڊي پي ٽي وي، پي ٽي وي انتظاميا ۽ ادارتي ٽيم کي مبارڪباد ڏني.
چونڊن ۾ عوام جي فيصلي جي تڪميل جي لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس جلد گهرايو ويندو: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون