اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قدمن تي زور ڏيندي پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ان شعبي ۾ پنهنجي تعاون کي مضبوط ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ??يو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ عوام جي ان بلند حوصلي، مضبوط عزم ۽ بي مثال ڪارڪردگي کي ساراهيو جنهن سان هن تازين برساتن سان پيدا ٿيندڙ چئلينجن جو مقابلو ڪي??. هن گڏيل عرب امارات جي صدر کي ساراهيو جنهن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي شاندار قائداڻي صلاحيتن جو مظاهرو ڪي?? ۽ اماراتي عوام جي ڀلائي کي يقيني بڻايو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ به ڪجهه ڏينهن ۾ وڏ??ون برساتون پيُون آهن جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتر??ون ئي قيمتي جان??ون ضايع ٿ??ون آهن. وزيراعظم موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قدمن تي زور ڏنو ۽ تجويز ڏني ته ٻئي ملڪ ان شعبي ۾ پنهنجي تعاون کي مضبوط ڪن. گڏيل عرب امارات جي صدر وزيراعظم جي نيڪ خواهشن کي ساراهيندي پاڪستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن ۽ جذبن جو اظهار ڪي??. ٻنهي اڳواڻن گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪي??.
وزيراعظم پاران موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قدمن تي زور، پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ان شعبي ۾ پنهنجي تعاون کي مضبوط ڪرڻ جي تجويز
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل