اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعو??ي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، پاڪستان خوش قسمت آهي جنهن کي سعو??ي عرب جهڙو خيرخواهه دوست ميسر آهي، اميد آهي ته پاڪستان جو دورو ڪندڙ سعودي وفد سان پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن جون ملاقاتون لاڀائتيُون ثابت ٿي??ديون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ سعو??ي عرب جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ منصوبن تي اڳڀرائي جي ??وا??ي سان اعليٰ سطحي جائزه اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڄام ڪمال خان، محمد اورنگزيب، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، راڻا تنوير حسين، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، عبدالعليم خان، سردار اويس خان لغاري، مملڪتي وزير شزه فاطمه، خاص معاون طارق فاطمي، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، ايس آءِ ايف سي جي قومي ڪوآرڊينيٽر ليفٽيننٽ جنرل سرفراز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي وزيراعظم جي سعو??ي عرب جي دوري بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ سعو??ي عرب جي ڪاروباري وفد جي اسلام آباد اچڻ ۽ متوقع شعبن ۾ سيڙپڪاري جي ??وا??ي سان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي پنهنجي سعو??ي عرب جي تازي دوري جي ??وا??ي سان آگاهه ڪيو. اجلاس کي سعو??ي عرب پاران ڪاروباري شخصيتن جي اعليٰ سطحي وفد جي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪستان جي دوري بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته سعودي قيادت پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قدمن تي مون سميت پوري قوم سعودي قيادت جي ٿورائتي آهي. سعو??ي عرب جي دوري جي بهترين تياري جي لاءِ سمورن لاڳاپيل وزيرن ۽ آفيسرن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. سعودي قيادت پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ هر قسم جي معاونت جي آڇ ڪئي، جيڪا خوش آئنده آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سعودي وفد جي بهترين مهمان نوازي ڪئي وڃي. هن چيو ته اميد آهي سعودي وفد سان پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن جون ملاقاتون لاڀائتيُون ثابت ٿي??ديون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعو??ي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. پاڪستان خوشقسمت آهي جنهن کي سعو??ي عرب جهڙو خيرخواهه دوست ميسر آهي. وزيراعظم چيو ته سعودي فرمانروا سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا.
پاڪستان خوش قسمت آهي جنهن کي سعودي عرب جهڙو دوست ميسر آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر