اسلام آباد – 24 – مئي (??ي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطين ۾ نسل ڪشيءَ جي خلاف داخل ڪيس تي انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ان فيصلي تي عملدر??مد سان دنيا ۾ امن جي ر??هه هموار ٿيندي، پاڪستان مظلوم فلسطينين جي بنيادي انساني ۽ قانوني حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري غز?? ۾ ??سرائيلي آپريشن روڪڻ جي عالمي عدالت جي فيصلي تي فوري عمل ڪرائي، رفح ۾ آپريشن روڪڻ جي انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي تي عملدر??مد سان دنيا ۾ امن جي ر??هه هموار ٿيندي. هن چيو ته مظلوم انسانيت جي حق ۾ فيصلو ڏيندڙ 13 ججن ۽ پٽيشن داخل ڪرڻ تي ڏکڻ آفريقا کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي پٽيشن جي حمايت ڪئي هئي، اڳتي به سمورن فلسطينين جو ڪيس وڙهن??ا رهنداسين. وزيراعظم چيو ته عدالتي فيصلي موجب گڏيل قومن جي جاچ ڪميشن کي غزه ۽ رفح ۾ فوري پهچ ڏني وڃي، فيصلو مظلوم انسانن جي فتح آهي، فيصلي تي عملدر??مد ڪرايو وڃي. هن چيو ته رستا کولڻ، غذائي ۽ طبي امداد جي فوري فراهمي جي فيصلي تي عملدر??مد ڪرايو وڃي ته جيئن مظلوم انسانن کي ريليف ملي سگهي، پاڪستان مظلوم فلسطينين جي بنيادي انساني ۽ قانوني حقن جي تحفظج ي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.
وزيراعظم پاران فلسطين ۾ نسل ڪشيءَ جي خلاف داخل ڪيس تي انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي جي آجيان
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی