اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ايم ڪيو ايم پاران بجيٽ تجويزن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ملڪ کي درپيش چئ??ين??ز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اتحادي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪنداسين. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي چيئرمين ۽ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر محمد فا??وق ستار، مصطفيٰ ڪمال، امين الحق، جاويد حنيف ۽ عبدالحفيظ شامل هئا. ان موقعي تي نائب وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر ا??ظم نذير تارڙ ۽ وزيرا??ظم جو سياسي معاملن ۽ بين الصوبائي رابطن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا. وزيرا??ظم چيو ته متحده قومي موومينٽ پاڪستان حڪومت جي انتهائي اهم اتحادي پارٽي آهي، ملڪ کي درپيش چئ??ين??ز جي حو??لي سان اتحادي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪنداسين. هن چيو ته ڪراچي ملڪ جو اهم ترين شهر ۽ ملڪ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ان شهر جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيرا??ظم چيو ته ملاقات ۾ م??لي سال 25 – 2024ع جي وفاقي بجيٽ تي پڻ ??شا??رت ٿي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد وفاقي بجيٽ جي حو??لي سان تجويزون پيش ڪيون. وزيرا??ظم متحده قومي موومينٽ پاران بجيٽ تجويزن جي آجيان ڪئي.
وزيراعظم پاران ايم ڪيو ايم جي بجيٽ تجويزن جي آجيان، ملڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اتحادي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪنداسين: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز