اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي)صنعتن، پيداوار ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفن قدمن جا 5 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي اسان ڪشميرين جي خود اراديت واري حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. سومر ڏينهن وزارت طرفان جاري بيان ۾ ه?? چيو ته ڀارت جا 5 آگسٽ جا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترن ئي ٺهرائن جي ڀڇڪڙي آهن، جن ۾ چيو ويو هو ته رياست ڄم??ن ڪشمير جي مستقبل جو حتمي فيصلو ڪشميري عوام جي مرضي مطابق آزاد، اڻ ڌري ۽ گڏيل قومن جي نگراني هيٺ راءِ شماري ذ??يعي ڪيو ويندو. ه?? چيو ته ڪشميري ڀارت جي غيرقانوني ۽ ظالماڻي قبضي خلاف لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن. ڀارت غيرقانوني طور قبضي هيٺ ڄم??ن ڪشمير ۾ سنگين ڪارروائين سان گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. جنهن سان ڏکڻ ايشيا ۽ خطي لاءِ سنگين نتيجا ??ڪر??دا. ه?? چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق ڄم??ن ڪشمير جي تڪرار جو حل خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جو واحد رستو آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان والاريل ڪشمير جي سمورن شهيدن کي سندن لازوال قربانين ۽ سندن ڪٽنب جي ڀاتين کي انهن جي عزم ۽ حوصلي لاءِ ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا. پاڪستان پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جو ??وا?? بڻجندو رهندو ۽ سندن جائز حقن جي حاصلات لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندو.
ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ سندن قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا: وفاقي وزير راڻا تنوير حسين
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ