اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنگلاديش ۾ تازي ٻوڏ واري صورتحال تي بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس کي خط ۾ پاڪستان پاران مدد جي آڇ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته بنگلاديش ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ واري صورتحال تي دلي ڏک آهي، هِن ڏُک واري گهڙيءَ ۾ مون سميت پوري پاڪستاني قوم جون همدرديون بنگلا??يش?? حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن. هن چيو ته مشڪل وقت ۾ بنگلاديش ۽ بنگلا??يش?? شهرين جن جا پيارا ٻوڏ ۾ وڇڙي ويا، گهر ۽ روزگار تباهه ٿيا، سان گڏ بيٺل آهيون، بنگلا??يش?? عوام مشڪلاتن ۾ پنهنجي ح??صلي ۽ همت جي لاءِ سڃاڻي وڃي ٿي. وزيراعظم چيو ته پراميد آهيان ته بنگلاديش توهان جي قيادت ۾ هن مشڪل مان جلد نڪري ايندو، پاڪست??ن هن مشڪل وقت ۾ هر طرح سان بنگلاديش جي مدد جي لاءِ تيار آهي.
وزيراعظم پاران بنگلاديش ۾ تازي ٻوڏ واري صورتحال تي بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس کي خط، مدد جي آڇ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت