اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان سياسي معاملن بابت آمريڪا جي وقتي انڊر سيڪريٽري جان باس ۽ پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري الزبيٿ هورسٽ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا ٻطر??ن لاڳاپن ۽ تعاو?? جي جاري منصوبن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ مثبت ۽ لاڀائتن رابط?? جي اهميت تي زور ڏنو. ٻئي طرف آمريڪي سفارتخاني پاران جاري پڌ??ائي موجب سياسي معاملن بابت آمريڪا جي وقتي انڊر سيڪريٽري جان باس نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي. هن دهشتگردي ۽ پرتشدد انتهاپسندي جو مقابلو ڪرڻ ۽ علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي اهميت سميت اقتصادي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي طريقن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. وقتي انڊر سيڪريٽري آمريڪا ۾ افغاني?? جي آبادڪاري جي سلسلي ۾ مدد جي لاءِ پاڪستا?? جي مسلسل تعاون تي ٿورا مڃيا. وقتي انڊر سيڪريٽري 2025 – 2026ع جي مدي لاءِ گڏ??ل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جو غيرمستقل ميمبر چونڊجڻ تي نائب وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني ۽ ان مدي دوران پاڪستان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۾ آمريڪا جي دلچسپي جو اظهار ڪيو.
اسحاق ڊار سان سياسي معاملن بابت آمريڪا جي وقتي انڊر سيڪريٽري ۽ پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار