اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) جامع مسجد رياض الجنته و اسلامڪ ڪمپليڪس جي نگران ۽ ناليواري مخير شخصيت ڊاڪٽر سهيل مجيد شيخ چيو آهي ته انسانيت جي خدمت ۽ معاشري جي پٺتي پيل طبقي جي ترقي سندس اولين مشن آهي. اي پي پي سان خصوصي انٽرو??و ۾ هن چيو ته هڪ مهذب معاشري طور اسان کي هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ گهرجي، انسانيت اسان کي ضرورتمندن جي سارسنڀال جو درس ڏي ٿي. ڊاڪٽر سهيل مجيد شيخ چيو ته گذريل 12 سالن کان هو ۽ سندس ادارو ا??را?? ۽ عراق جي زائرين کي مفت ??بي سارسنڀال فرا??م ڪرڻ ۾ مصروف عمل رهيا آهن ۽ 20 کان وڌيڪ ملڪن جي ماڻهن جي مدد ڪئي آهي. وڌيڪ اهو ته 2008ع کان هُن روات جي هڪ ڪاليج ۾ يتيمن، محروم ٻارن ۽ شهيدن جي ٻارن کي مفت تعليم فرا??م ڪرڻ جي خير جي ڪم جي شروعات ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته نثار فاطمه امين فائونڊيشن (اين ايف اي) جي تعاو?? سان اسان مستحق ٻارن جي لاءِ ڪتاب، يونيفارم، اسڪول بيگ ۽ خوراڪ سميت مڪمل تعليمي مدد فرا??م ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته اها ڪوشش ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿي ته شاگرد مالي بار کانسواءِ معياري تعليم حاصل ڪري سگهن. ڊاڪٽر سهيل مجيد نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي خدمت جي جذبي کي فروغ ڏين ۽ حقيقي ڪاميابي هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻ ۾ آهي. هن چيو ته ٻين جي مدد ڪرڻ انسانيت جو حقيقي پيغام آهي جيڪو نوجوانن کي سچي نيت سان ڪم ڪرڻ ۽ انسانيت جي احترام کي اختيار ڪرڻ جي ترغيب ڏي ٿو.
انسانيت جي خدمت ۽ معاشري جي پٺتي پيل طبقي جي ترقي اولين مشن آهي: ڊاڪٽر سهيل مجيد شيخ
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ