باڪو – 13 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي مضبوطي جي نئين دور جي شروعات ٿي چڪي آهي، پاڪستان حڪومت چيني شهرين جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي نائب وزيراعظم ڊنگ ??وئيشيانگ ??ان ڪوپ 29 جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون ج?? فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ وزيراعظم چيني وزيراعظم جي تازي پاڪستان جي دوري جو ذڪر ڪندي ??يو ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي مضبوطي جي نئين دور جي شروعات ٿي چڪي آهي. ملاقات ۾ چيني شهرين جي پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي لاءِ حڪومتي قدمن تي روشني وجهندي وزيراعظم ??يو ته پاڪستان حڪومت چيني شهرين جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم حڪومت جي دهشتگردي جي لع??ت جي پاڪستان مان مڪمل خاتمي لاءِ قدمن جو ذڪر ڪندي ??يو ته حڪومت ملڪ مان دهشتگردي کي پاڙ کان پٽڻ جي لاءِ پرعزم آهي. چيني نائب وزيراعظم پاڪستان سان گڏجي سيڪيورٽي چئلينجز کي عبور ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي تر??ي ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪ – چين تعاون ۾ سگهه جي خواهش جو اظهار ڪيو.
چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي مضبوطي جي نئين دور جي شروعات ٿي چڪي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری