راولپنڊي- 20 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بنون ۾ دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ڌماڪيدار مواد سان ڀريل گاڏي ٽڪرائجڻ سبب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 12 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب 19 نومبر 2024ع تي خوارج بنون جي علائقي ملي خيل ۾ گڏيل چيڪ پوسٽ تي حملي جي ڪوشش ڪئي. جوا??ي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 خوارجي مارجي ويا. سيڪيورٽي فورسز حملي آورن طرفان پوسٽ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي جنهن کانپوءِ خوارج ڌماڪيدار مادي سان ڀريل هڪ گاڏي کي پوسٽ جي ديوار سان ٽڪرائي ڇڏيو. آپگهاتي ڌماڪي سان پوسٽ جي حد جي ڀت جو هڪ حصو ڪري پيو ۽ ڀرپاسي جي عمارتن کي نقصان پهتو. ان وا??عي ۾ سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار 12 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جن ۾ سيڪيورٽي فورسز جا 10 ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جا 2 اهلڪار شامل آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ ڪليئرنس آپري??ن جاري آهي ۽ ان ڪڌي عمل جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. اسان جي بهادر پٽن جون اهي قربانيون اسان جي عز?? کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.
سيڪيورٽي فورسز بنون ۾ دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، 6 دهشتگرد مارجي ويا، 12 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿيا: آءِ ايس پي آر
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا