اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) توانائي واري وفاق?? وزير حماد اظهر چيو آهي ته حڪومت مختلف شعبن ۾ سڌ??رن ذريعي معيشت کي پائيدار بنيادن تي هلائڻ لاءِ بنياد رکي ڇڏي آهي، بجلي جي رسد واري نيٽ ورڪ کي 20 هزار ميگاواٽ مان وڌائي 24790 ميگاواٽ تائين واڌ ڏني اهي. 2023ع تائين ??جلي جي رسد واري نيٽ ورڪ 30 هزار ميگاواٽ تائين وڌائي ويندي، گئس جي قيمتن جو هن وقت تائين ??عين نه ڪيو ويو آهي، ماضي جون حڪومتون توانائي جا مهانگا معاهدي نه ڪن ها ته فيول ايڊجسٽمينٽ جو سهارو نه وٺڻو پوي ها، ڪووڊ باوجود گذريل سال اسان جي معيشت اطمينان جوڳي رهي، هن سال اسان 5 سيڪڙو جي ڊي پي گروٿ حاصل ڪنداسين، جيترو بحث مباحثو وزيراعظم عمران خان جي ڪابينه ۾ ٿيندو آهي، ان جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت مختلف شعبن ۾ سڌ??رن ذريعي معيشت کي پائيدار بنيادن تي هلائڻ جي بنياد رکي آهي. هاڻي ايڪسچينج ريٽ لاءِ مٽا سٽا جي ناڻن جو ذخيرو استعمال نه ٿيندو، مارڪيٽ جي چر پر تي ٻڌل ايڪسچينج ريٽ جو تعين ڪيو ويو آهي، جنهن جا بهتر نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. ڪسٽم پاليسي کي ٽيڪس جي پاليسي کان ڌار ڪري رکيو آهي، ان سان ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ ۾ مثابقت پيد?? ٿيندي جڏ??ن ته خام مال جي گهرائڻ تي رعايت پڻ وڌي ويندي. 200 جي لڳ ڀڳ خام شين ??ي ٽيڪس ناهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي 10 سالن ۾ ڊي انڊسٽريلائيزيشن ٿي يعني صنعتون ڪمزور ٿيون اسان جي حڪومت ان عمل کي رورس ڪيو ۽ ان جي نتيجي ۾ وڏين ??نعتن جي پيداوار ۾ گذريل سال 13 سيڪڙو جي اوسر ٿي جڏ??ن ته جاري مالي سال ۾ پڻ وڏين ??نعتن جي پيداوار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. حماد اظهر ڪيو ته فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي رپورٽ سٺي رهي آهي. پاڪستان 27 نقاطي ايجنڊا مان 26 نقطن تي مڪمل عملدرامد ڪيو آهي، جڏ??ن ته هڪ نقطي تي ذڪر جوڳي اڳڀرائي ٿي آهي. توانائي جي صورتحال ۽ ان حوالي سان موجوده حڪومت جي قدمن جو ذڪر ڪندي وفاق?? وزير چيو ته موجوده حڪومت ماضي جي حڪومتن طرفان توانائي جي مهانگن معاهدن تي ٻيهر ڳالهيون ڪيون، ان سان ملڪ کي اربين ??پين ??و فائدو ٿي رهيو آهي. حڪومت هاڻي شفاف طريقي سان اوپن بڊنگ ذريعي معاهدا ڪري رهي آهي، هاڻي بند ڪمرن ۾ اهي معاهده نه ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ماضي جي حڪومتن بجلي جي پيداوار تي ته توجهه ڏني جڏ??ن ته پيد?? ٿيل بجلي جي رسد ۽ ورهاست جي نظام تي ڪو به ڌيان نه ڏنو، موجوده حڪومت جي هن شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪئي، اسان رسد واري نيٽ ورڪ کي 20 هزار ميگاواٽ مان وڌائي 24790 ميگاواٽ تائين واڌ ڏني آهي، ۽ 2023ع تائين نيٽ ورڪ کي 30 هزار ميگاواٽ تائين وڌايو ويندو. نيلم جهلم ۽ ويجهن پاور پلاٽن مان بجلي جي رسد جي ٻئي مرحلي جي شروعات ٿي چڪي آهي. هن ان سان سيالڪوٽ ۽ گوجرانوالا کي بجلي فراهم ڪري سگهنداسين. خاص ڪري گرمين ??ي موسم ۾ انهن علائقن ۾ هاڻي بجلي جي لوڊشيڊنگ جو منهن نه ڏسڻو پوندو. هن چيو ته توانائي جي شعبي ۾ سڌارا ضروري آهن. پهرين هڪ هڪ ايل اين ??ي ڪارگو تي 10 ارب رپين ??و نقصان ٿي رهيو هو. حڪومت گئس جي قيمتن جي حوالي سان تاريخي قانونسازي ڪئي آهي. هن قانونسازي جي ڪافي عرصي کان ضرورت محسوس ٿي رهي هئي. هاڻي ان کي سينيٽ مان منظور ڪرايو ويندو. هن چيو ته گئس جي قيمتن جو تعين ??ڃا تائين نه ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي مان منظور ٿيل بل مطابق قيمتن جي تعين ??ي حوالي سان وفاقي حڪومت هدايتون ڏيندي، قيمت درآمدي ايل اين ??ي ۽ مقامي گئس جي بنياد تي ڪئي ويندي. اهو ضروري ناهي ته هر مهيني ايل اين ??ي کي گئس مڪس ڪري شامل ڪيو وڃي. قيمت جو تعين ??ين ??لاقوامي مارڪيٽ ۾ ايل اين ??ي قيمت ۽ ملڪي سسٽم ۾ ان جي مقدار جي بنياد تي هوندو. هن چيو ته پاڪستان جي گئس جا ذخيرا گهٽجي رهيا آهن، اسان کي ان جو متبادل ڳولڻو پوندو. قزاخستان مان گئس جي فراهمي لاءِ روس سان اسان جي ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي. فيول پرائيس ايڊجستمينٽ جو ذڪر ڪندي هن چيو ته اهو گهرايل ٻارڻ جي استعمال تي لاڳو ٿي رهيو آهي. گذريل حڪومتن سڄي توجهه ايل اين ??ي گهرائڻ ۽ ڪوئلي تي هئي جيڪڏهن ڊيمن جي تعمير تي توجهه ڏني وڃي ها ته اسان کي هن صورتحال جو منهن نه ڏسڻو پوي ها، هاڻي هي ڏهاڪو ڊيمن جو آهي. هن وقت 10 ڊيم زير تعمير آهن. 2030ع ۾ 70 کان 80سيڪڙو بجلي مقامي ذريعن مان پيد?? ٿيندي. اسٽيٽ بئنڪ بل جي حوالي هن چيو ته هن بل تي سياست ڪئي وئي آهي. انگن اکرن جي شمار جي حوالي سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، آمريڪا برطانيه ۽ ٻين ??رقي يافته قومن ۾ اسٽيٽ بئنڪس آزاد ۽ خودمختيار هونديون آهن. ماضي ۾ پاڪستان جي ناڻي وار?? وزير کي مني لانڊرنگ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) پڻ 2015ع ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي حوالي سان هڪ قانون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر ان تي پيروي نه ڪئي وئي. هن چيو ته حڪومتي قدمن جا بهتر نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. هن سال اسان 6 ارب جا ٽيڪس روينيو حاصل ڪنداسين، اسان جي روانگي واپار ۽ پرڏيهه مان آيل ناڻو 30-30 ارب رپين ??ي تاريخي سطح عبور ڪندي. هن چيو ته انصاف صحت ڪارڊ صحت جي شعبي ۾ خاموش انقلاب آهي جنهن سان هر پاڪستاني کي ساليانو 10 لک رپين ??ائين ??لاج معالج جي سهولتن جي فراهمي ڪئي وئي آهي. هي اسان جي حڪومت جا بنيادي سڌارا آهن، جنهن سان معيشت ۾ پائيدار بنيادن تي اوسر ٿي رهي آهي. ڪووڊ 19 باوجود گذريل سال اسان جي معيشت اوسر ڏيکاري، هن سال ۾ اسان 5 سيڪڙو جي ڊي پي گروٿ حاصل ڪنداسين.
حڪومت مختلف شعبن ۾ سڌارن ذريعي معيشت کي پائيدار بنيادن تي هلائڻ جي بنياد رکي ڇڏي آهي، 2023ع تائين بجلي جي رسد جي نيٽ ورڪ کي 30 هزار ميگاواٽ تائين وڌايو ويندو: حماد اظهر
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر