واشنگٽن- 21 جون (اي پي پي) آمريڪي نمائندن واري ايوان صدر جوبائيڊن تي ??ور ڀريو آهي ته هو ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان ملاقات ۾ ملڪ ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو معاملو اٿاري. برطانوي خ??برو اداري موجب حڪومتي پارٽي ڊيموڪريٽ?? پارٽي جي 75 پارليامينٽ جي ميمبرن آمريڪي صدر جي نالي هڪ خط لکيو آهي جنهن ۾ ڀارت ۾ مذهبي عدم برداشت، معلومات تائين پهچ، انٽرنيٽ جي بندش ۽ سول سوسائٽي جي گروپن کي نشانو بڻائڻ تي ڳڻتي ??و اظهار ڪيو ويو آهي. پارليامينٽ جي ميمبرن طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته اسان ڪنهن هڪ مخصوص پارٽي يا اڳواڻ جا حامي ناهيون، ان جو فيصلو ڀارتي ??وام ئي ڪندي آهي تنهن هوندي به اسان ڪجهه اصولن جي حمايت ڪريون ٿا جيڪي آمريڪي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي حصو هجڻ گهرجن. ان خط تي 75 ميمبرن جون صحيحون موجود آهن جيڪي اڱاري تي وائيٽ هائوس موڪليو ويو. خط ۾ آمريڪي صدر کي ??خا??ب ٿيندي وڌيڪ چيو ويو ته ڀارتي وزيراعظم سان ملاقات دوران اوهان انهن سمورن اهم معاملن تي کلي ڳالهايو جيڪي ٻنهي ملڪن ۾ ڪامياب، مضبوط ۽ ڊگهي مدي واري لاڳاپن لاءِ ضروري آهن. پارليامينٽ جي ميمبرن اهو به چيو آهي ته هو نريندي مودي جي استقبال جي موقعي تي ??وبائيڊن جو ساٿ ڏيندا ۽ ٻنهي ملڪن ۽ سندن عوام وچ ۾ هڪ ويجهي ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن ٿا. دوستي گڏيل قدرن تي هموار هوندي آهي ۽ دوست کليل طريقي سان پنهنجي اختلافن تي ڳالهه ڪري سگهن ٿا ۽ ايئن هجڻ گهرجي. جتي ??وهان ڀارتي وزيراعظم سان گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪندا اتي ڪجهه خدشن به ان جي سامهون رکندا. نريندر مودي 2014ع ۾ ڀارت جو وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ پنج ڀيرا آمريڪا جو دورو ڪري چڪو آهي تنهن هوندي به ڀارت ۾ سندس هندو قوم پرس?? پارٽي بي جي پي جي حڪومت دوران انساني حقن جي بگڙجندڙ صورتحال تي ڳڻتي ??ي باوجود هي سندس پهريون دورو آهي جيڪو مڪمل طور تي ??فارتي ??يثيت رکندڙ آهي.
صدر جوبائيڊن ڀارتي وزيراعظم سان ملاقات ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو معاملو اٿاري: آمريڪي نمائندن واري ايوان پاران جوبائيڊن کي خط
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ