غزه -20 نومبر (اي پي پي) غزه ۾ اسرائيل جي فوجي ڪارروائي?? ۾ ??ڌيڪ 3 صحافي شهيد ٿي ويا آهن، جنهن بعد شهيد ٿيل صحافين جو مجموعي انگ 48 ٿي ويو آهي. سعودي نشرياتي اداري مطابق اسرائيل جي فوج ج?? حملي ۾ صحافي ۽ غيرسرڪاري تنظيم پريس هاس فلسطين جي بورڊ جي س??براه بلال جاد الله شهيد ٿي ويو جڏهن ته اسرائيل جي فوج طرفان مهاجر ڪيمپ ت?? حملي دوران فري لانس صحافي حسونه سليم ۽ ساري منصور البوريج پڻ حياتي وڃائي ويٺا. نيويارڪ ۾ موجوده ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس (سي پي جي) مطابق 6 هفتن کان جاري ويڙهه ۾ هاڻي تائين 48 صحافي شهيد ٿي چڪا آهن. سي پي جي طرفان جار?? فهرست ۾ شامل صحافين ۾ رائيٽرز جو صحافي اعص??م عبدالله پڻ شامل آهي، جيڪو 13 آڪٽوبر تي اسرائيل جي س??حد ويجهو لبنا?? ۾ ??ارجي ويو هو. انگن اکرن مطابق مارجي ويل صحافين ج?? فهرست ۾ 43 فلسطيني، 4 اسرائيلي ۽ هڪ لبناني شامل آهن.
غزه ۾ اسرائيل جي فوج جي ڪارروائين ۾ وڌيڪ 3 صحافي شهيد، انگ 48 ٿي ويو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج