ڪويت سٽي-07 آگسٽ (اي پي پي) ڪويت جي واپار واري وزارت نئون قانون جاري ڪيو آهي جنهن جي تحت خانگي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن تي ڪاروبار ڪرڻ يا ڪنهن به ڪاروبار ۾ ??ائ??وار ٿيڻ تي پابندي هوندي. هڪ خابرُو اداري موجب واپار واري وزارت گذريل ڏينهن چيو آهي ته نئين قانون مطابق رڳو اهي پرڏيهي ڪويت ۾ ڪاروبار ڪري سگهن ٿا يا ڪنهن ڪاروبار ۾ ??ائ??وار ٿي سگهن ٿا، جن وٽ سيڙپ وارو اقامو هوندو. وزارت ليبر قانون تحت شق 19هين ۾ به ترميم ??ئي آهي، جنهن جو تعلق پرڏيهي سيڙپڪارن سان آهي. ڪويت جي واپار واري وزارت چيو آهي ته انگن اکرن مان معلوم ٿئي ٿو ??ه ڪويت ۾ ترسيل 10 هزار پرڏيهي جيڪي خانگي شعبي سان واڳيل آهن اهي 45 هزار واپاري لائسنس جا مالڪ آهن يا ڪنهن نه ڪنهن حد تائين واپار ۾ ??ائ??وار آهن. وزارت چيو ته نئون قانون منظور ٿيڻ ب??د اهي سمورا واپاري لائسنس رد ڪيا ويندا. جن ۾ شق 19 جي زمري ۾ نه ايندڙ پرڏيهي يا ڪاروبار ۾ ??ائ??وار مالڪ هوندا. وزارت ڪاروبار ڪندڙن ۽ شق 19 جي زمري ۾ نه ايندڙ پرڏيهين کي هدايت ڪئي آهي، ته جيڪڏهن اهي ڪاروبار جاري رکڻ چاهين ٿا ته اهي پنهنجي قانوني حيثيت در??ت ڪن يا ڪاروبار ختم ڪن.
ڪويت ۾ خانگي ملازمن جي ڪاروبار ڪرڻ تي پابندي لاڳو، نئون قانون جاري
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی