گڏيل قومون- 05 نومبر (اي پ?? پي) پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي احيا لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو ??هي ته امن ۽ سلامتيءَ جي حوالي سان ان اداري جي ڪردار ۾ يو اين چارٽر ۽ ٺهرائن مطابق تڪرارن جي ٽياڪڙي سان پُرامن ح?? کي هٿي وٺرائڻ شامل آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي وقتي مستقل نمائندي عثمان جدون 193 ميمبرن واري جنرل اسيمبليءَ جي احيا جي موضوع تي بحث دوران خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسيمبلي جي بنيادي ذميواري ??هي ته هو امن ۽ سلامتيءَ جي پ??لوئن جيئن ماحول ۽ امن، عورتن، امن ۽ سلامتي ۽ امن، ترقي ۽ انساني حقن وچ ۾ تعلق تي پ??هنجي توجهه ڏي. پاڪستاني نمائندي جنرل اسيمبليءَ جي عالمي نمائندگي جو واحد فورم هجڻ جي تصور کي اجاگر ڪندي واضح ڪيو ته ان اداري جو ڪم نقصانن ۽ خامين جي پ??يان اصل ۾ ڪجهه وڏن ??لڪن جي انهن خواهشن ڪاربند آهن جيڪي ان اداري جي اختيار ۽ صلاحيت جي مڪمل استعمال ۾ رڪاوٽ آهن. هن تجويز پيش ڪئي ته جنرل اسيمبلي پ??هنجي فيصلن جي ساک وڌائڻ لاءِ پنهنجي ٺهرائن تي عملدرآمد جي نگراني ڪرڻ لاءِ مخصوص طريقيڪار واضح ڪري. ان سلسلي ۾ اولين قدم طور تي سيڪريٽريٽ مان درخواست ڪرڻ گهرجي ته هو هڪ خاص وقت اندر، جنرل اسيمبليءَ جي ٺهرائن تي عملدرآمد جي صورتحال بابت رپورٽ پيش ڪري. هن سلامتي ڪائونسل طرفان چيپٽر 7 تحت منظور ڪيل ٺهرائن جا عالمي اصول بنائڻ لاءِ وڌندڙ استعمال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته هي گڏيل قومن جي چارٽر ۾ ڏنل جامع جمهوري تصور جي خلاف آهي. ان موقعي تي هن ٽيڪس، ترقي ۽ـ ماحوليات جي حوالي سان مستقبل جي معاهدن ۾ جنرل اسيمبليءَ جي سمورن ميمبر ملڪن جي شرڪت لاءِ ڳالهين جي ضرورت تي زور ڀريو.
يو اين چارٽر ۽ ٺهرائن مطابق تڪرارن جي ٽياڪڙيءَ سان پُرامن حل کي هٿي وٺرائڻ شامل آهي: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔