اسلام آباد – 16 ج??لا??ِ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا گذريل 10 سالن دوران هڪ مقروض ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، ممنون حسين، اڳوڻن وزيراعظمن محمد نواز شريف، يو??ف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف ۽ شاهد خاقان عباسي جي سيڪيورٽي، انٽرٽينمينٽ ۽ ڪئمپ آفيسز تي عوام جي پئسي کي بيدردي سان خرچ ڪرڻ جي روش تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي فيصلو ڪيو آهي ته انهن حڪمرانن جي عياشين ۽ شاهاڻي خرچن تي استعمال ٿيندڙ عوام جي ٽيڪس جي پئسي جي وصولي ڪئي ويندي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد ۽ وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي واري صلاحڪار ملڪ امين اسلم سان گڏ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي ??ري??نگ ڏيندي ٻڌايو.
مضمون کا ماخذ : bolão quina