رياض -26 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب سڄي دنيا ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ لاء?? يونيسيف سان گڏيل معاهدي تي صحيحيون ڪري ڇڏيون آهن. سعودي پريس ايجنسي مطابق ڪي ايس رليف جي نگران اعليٰ عبدالله بن عبدالعزيز الربيعه ۽ يونيسيف جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل نيويارڪ م گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78هين س??لياني اجلاس جي موقعي تي ان معاهدي تي صحيحيون ڪيون. معاهدي تحت ڪي ايس رليف ۽ يونيسيف وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي مضبوط بڻائڻ، انساني امداد جي فراهمي ۽ رضاڪاراڻه پروگرامن جي حمايت سميت تجربن جي مٽاسٽا لاءِ ملي ڪم ڪندا. ان موقعي تي عبدالله بن عبدالعزيز الربيعه ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سعودي عرب يونيسيف جي منصوبن ذريعي ڪمزور ۽ پٺتي پيل طبقن جي ٻارن ۽ ان??ن جي خاندان تائين رسائي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. ڪيٿرين رسل سعودي عرب جي شراڪتداري تي يونيسيف طرفان شڪريو ادا ڪندي چيو ته ان س??ن اداري کي سڄي دنيا ۾ ضرورتمند لکين ٻارن تائين رسائي ۾ مدد حاصل ٿيندي. هي معاهدو ڪي ايس رليف جي هدف جي فريم ورڪ تحت اچي ٿو جن??ن جو مقصد مختلف شعبن ۾ انساني همدردي جي ڪم کي هٿي وٺائڻ لاء?? عالمي ۽ علائقائي انساني تنظيمن س??ن سهڪار کي وڌائڻ آهي.
سعودي عرب ۽ يونيسيف وچ ۾ گڏيل معاهدي تي صحيحيون
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب