اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي سي??ري??ري سهيل محمود چيو آهي ته 48 هين پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس مسلمان امت جي مسئلن تي او آءِ سي جي موقف ۽ اسلامي يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي غرض سان پاڪستان جي فعال ڪردار کي اجاگر ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي سي??ري??ري سهيل محمود اسلام آباد ۾ رهندڙ او آءِ سي مشنز جي سربراهن سان ملاقات ڪئي ۽ کين 22- 23 مارچ 2022ع تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي غرض سان جاري تيارين کان آگاهه ڪيو. ڊسمبر 2021ع ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي اجلاس کي ڪاميابي سان همڪن??ر ڪرڻ ۾ او آءِ سي مشنز جي اهم ڪردار کي ساراهيندي پرڏيهي سي??ري??ري ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 48 هون اجلاس خصوصي اهميت رکندڙ آهي، ڇو ته اهو پاڪستان جي آ??ادي جي 75 هين سالگرهه جي مو??عي تي منعقد ٿي رهيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عوام ان پُرمسرت مو??عي تي معزز مهمانن جي استقبال جي منتظر آهي. پرڏيهي سي??ري??ري چيو ته 48 هين سيشن جو موضوع ”اتحاد، انصاف ۽ ترقي جي لاءِ حصيداري“ امت جي اندر اتحاد ۽ او آءِ سي ميمبر ملڪن جي لاءِ جامع ۽ پائيدار ترقي کي فروغ ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم جي عڪاس آهي. افغانستان ۾ انساني صورتحال جي حوالي سان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي اجلاس ۾ افغانستان جي لاءِ او آءِ سي جي قيادت هيٺ هيومينٽيرين ٽرسٽ فنڊ قائم ڪرڻ، او آءِ سي جي سي??ري??ري جنرل جي خصوصي ايلچي جي مقرري ۽ ان آءِ سي مشن کي مضبوط ڪرڻ جي معاهدي تي اتفاق ڪرڻ جي فيصلن کي ياد ڪندي، پرڏيهي سي??ري??ري ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 48 هون اجلاس ان قرارداد جي منظوري کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جو قيمتي موقعو فراهم ڪندو. انساني همدردي تحت قائم ٽرسٽ فنڊ کي هلائڻ لاءِ اسلامي ترقياتي بئنڪ پاران ڪم جي آ??يان ڪندي، پرڏيهي سي??ري??ري ميمبر ملڪن ۽ افغانستان جي عالمي حصيدارن پاران ٽرسٽ فنڊ لاءِ ٺوس واعدن تي عملدرآمد جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. او آءِ سي مشنز جي سربراهن کي 22 -23 مارچ 2022ع تي منعقد پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل پروگرام تي بريفنگ ۽ انتظامي انتظامن جا تفصيل فراهم ڪيا ويا، پرڏيهي سي??ري??ري چيو ته وفدن جي سمورن سربراهن کي 23 مارچ 2022ع تي روايتي ”يوم پاڪستان“ پريڊ ۾ خصوصي مهمان طور دعوت ڏني ويندي. 48 هين پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس مسلمان امت جي مسئلن تي او آءِ سي جي موقف ۽ اسلامي يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي غرض سان پاڪستان جي فعال ڪردار کي اجاگر ڪندو.
پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود جي اسلام آباد ۾ رهندڙ او آءِ سي مشنز جي سربراهن سان ملاقات،او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي تيارين کان آگاهه ڪيو
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais