اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ ??يو??هه کي لائيف انشورنس ڪليم جي ادائ??گي ۾ 7 سال جي غيرضروري د??ر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن (ايس ايل آئي سي پي) کي 4 لک 12 هزار رپين جي بيمي جي رقم ??يو??هه کي ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. صدر ??يو??هه کي دير سبب مالي نقصان کان بچائڻ جي لاءِ ادائ??گي جي رقم ۾ ناڻي واڌ جي لاڳت ۾ اضافي کي شامل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. صدر چيو ته انشورنس ڪمپني ??يو??هه کان معافي وٺي، مالياتي نظام جو رويو تبديل ڪري ۽ 30 ڏينهن ۾ وفاقي محتسب کي تعميل جي رپورٽ جمع ڪرائي. صدر اهي حڪم وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي نمائندگي کي رد ڪندي جاري ڪيا آهن. تفصيل موجب مرحوم زاهد الطاف ڀٽي اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن (ايس ايل آئي سي پي) کان 6 جولاءِ 2007ع ۽ 25 جون 2010ع تي ترتيبوار 212000 رپيا ۽ 200000 رپين جي بيمي جون ٻه لائيف انشورنس پاليسيون ??اص?? ڪيون هيون. 20 مارچ 2015ع تي الطاف ڀٽي جو لاڏاڻو ٿي ويو ۽ سندس گه??وا??يءَ فوزيه زاهد ڀٽي (شڪايت ڪندڙ) انشورنس ڪليم جي ادائ??گي لاءِ انشورنس ڪمپني سان رابطو ڪيو پر ڪمپني ان بنياد تي رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته فوتي بيمي کان اڳ مريض هو ۽ کيس جگر جي بيماريءَ / هيپاٽائيٽس سي جي مرض ۾ مبتلا هو جنهن تي مرحوم جي ??يو??هه فوزيه زاهد ڀٽي وفاقي محتسب وٽ شڪايت داخل ڪرائي، وفاقي محتسب اسٽيٽ لائيف کي رقم ادا ڪرڻ ۽ 30 ڏينهن جي اندر تعميل جي اطلاع ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي محتسب جي حڪمن تي عملدرآمد ڪرڻ بدران اسٽيٽ لائيف صدر وٽ محتسب جي فيصلي جي خلاف درخاوست داخل ڪئي. صدر اسٽيٽ لائيف جي نمائندگي کي رد ڪندي انشورنس آرڊيننس مجريه 2000ع جي سيڪشن 80 جو حوالو ڏيندي چيو ته پاليسي ??اص?? ڪرڻ جي ٻن سالن کانپوءِ غلط بياني يا حقيقتون لڪائڻ تي انشورنس پاليسي تي سوال نه ٿو اٿاري سگهجي، ايجنسي پنهنجي دعويٰ کي ثابت ڪرڻ، انشورنس کان اڳ بيماري جي موجودگي بابت ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته اسٽيٽ لائيف جي پنهنجي فيلڊ آفيسر جي ڳجهي رپورٽ ۾ بيمي شده کي صحتمند قرار ڏنو ويو هو ۽ رڳو منافعو ڪمائڻ جي لاءِ اخلاقي اصولن ۽ همدردي کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته اسٽيٽ لائيف فضول بهانن سان ڪم ورتو، غيراخلاقي طريقي سان ادائ??گي ۾ دير ڪئي. صدر ??يو??هه کي دير جي ڪري مالي نقصان کان بچائڻ جي لاءِ ايجنسي کي انشورنس جي رقم ۾ ناڻي واڌ جي لاڳت به شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
صدر پاران اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن کي 4 لک 12 هزار رپين جي بيمي جي رقم بيواهه کي ادا ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis