اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ملڪ ۾ گ??رو ويڙهه چاهي ٿو، ??ي ٽي آءِ جي عهديدارن جي گهرن مان هٿيارن جي برآمدگي سان عمران خان جا ارادا بي نقاب ٿي ويا آهن، ملڪ ۾ اڄ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي عوام ڏسي رهي آهي ۽ ان جو ??مي??ار صرف عمران خان آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان پاڪستان ۾ گ??رو ويڙهه جي سازش ڪري رهيو آهي، هو ??ٿيارن جي زور تي اسلام آباد تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، ??ن چيو ته بندوقن، بم ۽ گولن ۽ بارود سان انتشار پکيڙڻ نه ڏينداسين، حڪومت عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائڻ جي پابند آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گوليون هلائڻ، جلاءُ گهيراءُ جا رويا سياسي نه آهن، سياسي سرگرمين ۽ لشڪر ڪشي جي وچ ۾ واضح لائين ڪڍڻي پوندي.
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔