اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جون جي آخري هفتي ۾ معمول کان وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي تي فوري قدمن جي هدايت ڪندي لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن کي صوبن ۽ ضلعي انتظاميا کي الرٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پي ايم آفيس ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هدايت ڪئي ته موسميات کاتي جي اڳڪٿي کي نظر ۾ ر??ندي اڳواٽ انتظام ڪيا ??ڃن. وزيراعظم چيو ت?? نشيبي علائقن ۽ وڌيڪ برساتن جي لپيٽ ۾ ايندڙ علائقن ۾ هينئر کان ئي انتظام يقيني بڻايا ??ڃن. سندس چوڻ هو ت?? اڳواٽ حفاظتي انتظامن ۽ امدادي ساز و سامان جي دستيابي جي لاءِ وقت سر قدم کنيا ??ڃن. هن وفاق ۽ صوبن جي حصيداري سان ٺوس حڪمت عملي تيار ??رڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم زرعي علائقن ۾ فصلن، چوپائي مال جي حفاظت ۽ نقصانن کان بچڻ جون تدبيرون اختيار ??رڻ جي هدايت ڪندي چيو ت?? خطري جي لپيٽ ۾ ايندڙ علائقن جي رهواسين کي وقت سر خبردار ??يو وڃي، محفوظ جاين تي منتقلي يقيني بڻائي وڃي، پاڻي جي نيڪالي، نالن ۽ پاڻي گذرگاهن جي صفائي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اسپري جا انتظام ڪيا ??ڃن.
وزيراعظم شهباز شريف پاران جون جي آخري هفتي ۾ معمول کان وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي تي فوري قدمن جي هدايت
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد