اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏ??هي وزير ب??او?? ڀٽو زرداري کي سريلنڪا جي پرڏ??هي وزير ايم يو ايم علي صابري ??يليفون ڪئي. پرڏ??هي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سريلنڪا جي پرڏ??هي وزير پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي ۽ جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن سريلنڪا جي حڪومت پاران پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان همدردي جو اظهار ڪيو. پرڏ??هي وزير ب??او?? ڀٽو زرداري ??ن مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي حمايت جي اظهار تي سريلنڪن پرڏ??هي وزير جا ٿورا مڃيا. هن پنهنجي سريلنڪن هم منصب کي هن سال پاڪستان ۾ ٿيندڙ غيرمعمولي برساتن بابت ٻڌايو جنهن جي نتيجي ۾ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ ٿي. پرڏ??هي وزير چيو ته ٻوڏ سان تمام گهڻي تباهي ٿي آهي ۽ ان سان انساني جانين، چوپائي مال، فصلن ۽ انفراسٽرڪچر کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. پرڏ??هي وزير سريلنڪا جي پرڏ??هي وزير کي قدرتي آفتن کي منهن ڏي?? جي لاءِ پاڪستان جي فوري ۽ وسيع ردعمل کان آگاهه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي جي لاءِ وسيع البنياد عالمي تعاون لازمي هوندو. پرڏ??هي وزير ب??او?? ڀٽو زرداري ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي ٻوڏ کي منهن ڏي?? جي لاءِ گڏيل قومن جي فليش اپيل جو ڀرپور جواب ملندو جنهن سان شديد متاثر ٿيندڙن جي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ٻنهي پرڏ??هي وزيرن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي سريلنڪا جي پرڏيهي وزير جي ٽيليفون
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی