اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي)صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي ڪٽنب سان ٽيليفون تي رابطو ڪري تعزيت جو اظهار ڪيو. سومر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت شهي?? نائيڪ تاج محمد ۽ لانس نائيڪ امتياز احم?? جي گهر ڀاتين سان افسوس جو اظهار ڪيو. ٻئي 15 نومبر تي ضلعي باجوڙ جي علائقي هلال خيل جي حملي ۾ شهيد ٿيا. صدر مملڪت شهيدن جي والدين سان ڳالهايو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اوهان جي پُٽن جون خدمتون ڪڏهن به وِساري نه سگهبيون، قوم وطن جي بهادر پُٽن کي خراجِ عقيدت پيش ڪري ٿي. صدر مملڪت دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ سندن روح کي ابدي سڪون عطا فرماءِ. هن چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي ??اق??ات جي مڪمل خاتمي تائين اسان جون ڪوششون جاري رهنديون.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر