اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) ا??لا??ات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ”دي اڪانومسٽ“ آڏو عمران خان جي گهوسٽ آرٽيڪل جي ڇپجڻ جو معاملو اٿاريو ويندو. دي اڪانومسٽ ۾ مبينا طور تي عمران خان جي حوالي سان ??اي?? ٿيندڙ مضمون جي حوالي سان سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ا??لا??ات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ”دي اڪانومسٽ“ جي ايڊيٽر کي مبينا طور تي عمران خان پاران لکيل آرٽيڪل بابت لکيو ويندو. هن چيو ته اها ڳالهه حيران ۽ پريشان ڪندڙ آهي ته ميڊيا جي هڪ ??عزز اداري هڪ اهڙي ماڻهو جي نالي سان مضمون ??اي?? ڪيو جيڪو جيل ۾ آهي ۽ ان کي سزا ٿي چڪي آهي. هن چيو ته اخلاقي معيارن کي برقرار رکڻ ۽ ذميواراڻي صحافت کي فروغ ڏيڻ انتهائي ضروري آهي. ا??لا??ات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اسان ڄاڻڻ چا??ينداسين ته ”دي اڪانومسٽ“ پاران مضمون ??پجڻ جي حوالي سان اداراتي فيصلو ڪيئن ڪيو ويو؟ مواد جي قانوني حيثيت ۽ اعتبار جي حوالي سان ڪهڙين ڳالهين کي نظر ۾ رکيو؟ هن چيو ته ڇا ”دي اڪانومسٽ“ دنيا جي ڪنهن ٻئي حصي مان جيل ۾ بند سياستدانن جا گهوسٽ آرٽيڪل ??اي?? ڪيا آهن؟ ا??لا??ات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن جيل ۾ بند ڏوهاري ميڊيا کي لکڻ جي لاءِ آزاد هجن ته اهي پنهنجي هڪطرفي شڪايتن کي نشر ڪرڻ جي لاءِ سدائين ان موقعي جو استعمال ڪن ها.
”دي اڪانومسٽ“ آڏو عمران خان جي گهوسٽ آرٽيڪل جي ڇپجڻ جو معاملو اٿاريو ويندو: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال