اسلام آباد – 08 ما??چ (اي پي پي) پاڪستان جي نئي صدر جي چونڊ لاءِ پولنگ (اڄ) ڇنڇر تي منعقد ٿيندي. پارليامنٽ هائوس ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ قائم پولنگ اسٽيشنن تي چونڊيل ميمبر صبح 10 وڳي ??ان شام 4 وڳي تائين پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق استعمال ڪري سگهندا. صدارتي چونڊ ۾ حڪمران اتحاد جو اميدوار اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ سني اتحاد ڪونسل ۽ ٻين اپوزيشن پارٽين جو نامزد اميدوار محمود خان اچڪزئي وچ ۾ مقابلو آهي. سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر پارليامنٽ هائوس ۾ اسيمبلي هال ۾ پنهنجو ووٽ وجهندا. صدر جي چونڊ گجهي راءِ شماري جي بنياد تي ٿيندو جتي سينيٽ، قومي اسيمبلي، بلوچستان اسيمبلي جي هر ميمبر جو هڪ ووٽ شمار ٿيندو جڏهن ته پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبرن جي انگ کي بلوچستان اسمبلي جي برابر ووٽن ۾ ورهائي شرح ڪڍي ويندي. صدر مملڪت جي چونڊ لاءِ اليڪشن ڪميشن طرفان شيڊول پهرين ما??چ تي جاري ڪيو ويو هو جنهن مطابق نامزدگي ڪاغذ 2 ما??چ، انهن جي ڇنڊ ڇاڻ 4 ما??چ، نامزدگي ڪاغذن جي واپسي 5 ما??چ جڏهن ته ريٽائرمنٽ جي تاريخ 6 ما??چ مقرر ڪئي وئي هئي. اليڪشن ڪميشن صدارتي چونڊ ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن کي چيو آهي ته اهي پولنگ جو عمل شروع ٿيڻ ??ان اڳ لاڳاپيل ايوان يا اسيمبلي جي ميمبرن مان هڪ هڪ پولنگ ايجنٽ نامزد ڪري سگهن ٿا جيڪو پولنگ ۽ ڳڻپ جي عمل جو مشاهدو ڪندو.
نئين صدر جي چونڊ لاءِ پولنگ (اڄ) منعقد ٿيندي
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک