اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) صدر ??صف علي زرداري ترڪيه سان واپار، معيشت، تعليم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ترڪ ڪمپنيون پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻن ۽ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ذريعي سيڙپڪاري ڪن. صدر ??هڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر مهمت پاچاجي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ??رڪ سفير جي ??جي??ن ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي عوام جي وچ ۾ تاريخي ۽ پراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي قومن سدائين مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. صد?? چيو ته پاڪستان انفراسٽرڪچر جي ??رق?? جي شعبي سميت ترڪيه جي ??رق??اتي تجربي مان فائدو کڻي سگهي ٿو. علائقائي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ريلوي رابطو قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل فزيبلٽي اسٽڊي جي تجويز ڏني. صدر ??وامي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ تعليمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ترڪيه جي صدر ??جب طيب اردوان جي پاڪستان ۾ ستين اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي اجلاس ۾ ??جي??ن ڪندو. هن صدر چونڊجڻ ۽ رمضان المبارڪ جي شروعات تي مبارڪباد جي پيغامن تي صدر ??يب اردوان جا ٿورا مڃيا. هن ترڪيه جي صدر ??ي مستقبل ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.
ترڪ ڪمپنيون پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻن: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری