اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پا??ست??ن ۽ جاپان جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي دائري خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، معيشت، ثقافت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ سگهه ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پا??ست??ن هڪ تمام وڏي مارڪيٽ آهي ۽ جاپاني ڪاروباري ادارن کي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪار?? ڪري معاشي موقعن مان فائدو کڻڻ گ??رجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پا??ست??ن ۾ جاپان جي سفير مٽسوهيرو واڊا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا آهن جن کي ٻنهي ??رين جي گڏيل فائدي جي لاءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته جاپان پا??ست??ن جو اهم ترقياتي پارٽنر آهي جيڪو جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جائيڪا) تحت مختلف شعبن ۾ پا??ست??ن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ معاونت ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پا??ست??ن جي آبادي تمام وڌيڪ آهي ۽ هو تربيت يافته ۽ پيشيواراڻي افرادي قوت جي ذريعي جاپان کي انساني وسيلن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ڏ??ي سگهي ٿو. صدر چيو ته پا??ست??ن ۾ قائم جاپاني آٽو موبائيل ڪمپنين کي پا??ست??ن مان پنهنجي مصنوعات برآمد ڪرڻ جي لاءِ پيداوار ۾ اضافو ڪرڻ گ??رجي. هن چيو ته جاپاني بئنڪن جي پڻ حوصلا افزائ?? ڪرڻ گ??رجي ته اهي پا??ست??ن ۾ پنهنجو ڪم شروع ڪن. صدر پا??ست??ن جي موجوده سماجي ۽ اقتصادي چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي جاپاني سفير چيو ته پا??ست??ن هڪ اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ ۽ تمام وڏي آبادي رکندڙ ملڪ آهي ۽ جاپاني ڪمپنيون انهن امڪاني شعبن ۾ دلچسپي رکن ٿيون. هن ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ موجوده ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو. هن ٻڌايو ته جاپان کي پا??ست??ني انب جي برآمد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. سفير اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي جاپان جي دوري کي ڪامياب قرار ڏيندي چيو ته پا??ست??ن جي نوجوان نسل ان کي هڪ خوشحال ملڪ بڻائڻ ۾ مضبوط ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. مٽسوهيرو واڊا آصف زرداري کي ٻيون ڀيرو صدر چونڊجڻ تي گرمجوشي سان مبارڪباد ڏني ۽ جاپان جي شهنشاهه پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر مبارڪباد تي سفير جا ٿورا مڃيا ۽ جاپان جي شهنشاهه جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن پنهنجي جاپان جي دوري ۽ جاپان جي اڳوڻي شهنشاهه اڪي هيٽو سان ملاقات کي پڻ ياد ڪيو. هن 2022ع ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ پا??ست??ن جي حمايت تي جاپاني حڪومت جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، معيشت، ثقافت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی