اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي حصيدارن جي تعاون ۽ ملڪي ادارن جي اڻٿڪ محنت سان پاڪستان مان پول??و جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته خطي مان پول??و جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پاڪستان ۽ افغانستان ۾ تعاون ضروري آهي، پول??و جي خاتمي جي مهم ۾ حصو وٺندڙ ٽيمن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو، ملڪ مان پول??و جي خاتمي لاءِ آگاهي مهم هلائي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي گلوبل ڊيولپمينٽ ڊويزن ۽ پوليو اوورسائيٽ بورڊ جي صدر ڊاڪٽر ڪرسٽوفر ايلائيس جي قيادت ۾ پول??و جي خاتمي جي عالمي قدمن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ صحت جي عالمي اداري جو ريجنل ڊائريڪٽر ايمر وريجن ڊاڪٽر حنان بلخي، ڏکڻ ايشيا جي لاءِ ريجنل ڊائريڪٽر يونيسيف سنجي ويجيسيڪر، سينٽر فار ڊيزيز ڪنٽرول جي پوليو برانچ چيف ڊاڪٽڙ اوموٽايو بولو، پاڪستان ۾ صحت جي عالمي اداري جو نمائندو ڊاڪٽر لوئوڊاپينگ، پاڪستان ۾ يونيسيف جو نمائندي عبدالله فاضل، صحت جي عالمي اداري جي پول??و جي خاتمي وارو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حامد جعفري ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر پوليو بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن مائيڪل گيلو شامل هئا. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جو صحت بابت ڪوآرڊينيٽر مختار ملڪ ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پوليو هڪ موذي مرض آهي ۽ ان جي پاڪستان مان مڪمل خاتمي جي لاءِ اسان پرعزم آهيون. وزيراعظم اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي هدايت ڪئي ته پول??و جي خاتمي جي عالمي قدمن سان پاڪستان ۾ پول??و جي خاتمي جي لاءِ هڪ گڏيل همه گير آگاهي مهم هلائي وڃي. هن چيو ته پول??و جي خاتمي جي مهم ۾ شامل سمورن ادارن جو احتساب ۽ ان عمل جي شفافيت کي يقيني بڻايو ويندو، پول??و جي خاتمي جي مهم ۾ حصو وٺندڙ ويڪسي نيشن ٽيمن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته عالمي اقتصادي فورم دوران سعودي عرب پاران پول??و جي خاتمي جي عالمي قدمن جي لاءِ 500 ملين ڊالر جي عطيي جو اعلان خوش آئنده آهي. هن چيو ته اسان انشاءَ الله تمام جلد عالمي حصيدارن جي تعاون ۽ ملڪي ادارن جي اڻٿڪ محنت سان پاڪستان مان پول??و جو مڪمل خاتمو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين، خطي مان پول??و جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پاڪستان ۽ افغانستان ۾ تعاون ضروري آهي. وفد وزيراعظم کي پاڪستان ۾ پول??و جي خاتمي جي ح??ال?? سان جاري قدمن تي اڳڀرا??ي بابت آگاهه ڪيو. وفد پول??و جي خاتمي لاءِ پاڪستان حڪومت جي عزم تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد وزيراعظم کي پاڪستان ۾ پول??و جي اميونائيزيشن جي قدمن ۾ درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو. وفد جي ميمبرن چيو ته پاڪستان ۾ پول??و جي موذي مرض جي مڪمل خاتمي جي لاءِ ضروري فني مهارت ۽ قومي ۽ حڪومتي سطح تي مهم کي ڪامياب ڪرڻ جو عزم موجود آهي. ڊاڪٽر ڪرسٽوفر وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته بل گيٽس توهان جي پنجاب جي وڏ وزارت ۾ پول??و جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن کا?? تمام گه??و متاثر آهي. وفد وزيراعظم کي پاڪستان ۾ پول??و جي خاتمي جي ح??ال?? سان جاري قدمن تي اڳڀرا??ي بابت آگاهه ڪيو.
خطي مان پوليو جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پاڪستان ۽ افغانستان ۾ تعاون ضروري آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار