اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف (سڀاڻي) 23 مئي 2024ع تي گڏيل عرب امارات جو دورو ڪندو. اهو وزير??عظ?? جو چونڊجڻ کانپوءِ گڏيل عرب امارات جو پهريون دورو هوندو. وزير??عظ?? سان گڏ ڪابينا جي اهم وزيرن تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ هوندو. پرڏيهي آفيس موجب ان دوري دوران وزير??عظ?? جي گڏيل عرب امارات جي صدر ۽ ابوظهبي جي حڪمران شيخ محمد بن زايد سان ملاقات متوقع آهي. ٻئي اڳواڻ واپار ۽ سيڙپڪاري تي خصوصي ڌيان سان گڏ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ??ي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزير??عظ?? شهباز شريف جي ٻين اماراتي شخصيتن، ڪاروباري شخصيتن ۽ ??ال??اتي ادارن جي سربراهن سان پڻ ملاقاتن جو امڪان آهي. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ??ي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جون پاڙون مذهبي ثقافتي وابستگي سان ڳنڍيل آهن. مسلسل اعليٰ سطحي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جي هڪ وڏي خاصيت آهي. وزير??عظ?? جو دورو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ??ي وچ ۾ گهڻ رخي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف 23 مئي 2024ع تي گڏيل عرب امارات جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی