اسلام آباد – 05 – جون (اي پ?? پي) پاڪس??ان ۽ چين جي نجي شعبن جي وچ ۾ شينزن پاڪس??ان بزنس ڪانفرنس جي موقعي تي پاڪستاني واپارين ۽ چين جي ڪاروباري ماڻهن جي وچ ۾ بزنس ٽو بزنس گڏجاڻي کانپوءِ مختلف شعبن ۾ 32 مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن. واپار واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شر??ف جي هل??دڙ چين جي دوري دوران پاڪس??ان ۽ چيني ڪمپنين وفاقي حڪومت جي بزنس ٽو بزنس قدمن جي نتيجي ۾ مفاهمت جي 32 مختلف يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري جي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ اليڪٽرانڪس ۽ گهريلو اوزارن، آءِ سي ٽي، ٽيڪسٽائيلز، چمڙي، معدنيات ۽ دواسازي جا شعبا شامل آهن. پڌرائي موجب پاڪس??ان ۽ چين جي نجي شعبي توانائي جي شعبي ۾ چئن مفاهمت جي يادداشتن (ايم او يوز)، آٽو موبائيل جي شعبي ۾ ٻه، ثقافتي تعاون جي شعبي ۾ هڪ جڏهن ته انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي (آءِ سي ٽي) جي شعبي ۾ چئن ايم او يوز تي صحيحون ڪيون آهن. اهڙي طرح پاڪس??ان ۽ چين جي پرائيويٽ سيڪٽرز دواسازي ۽ هيلٿ ڪيئر سيڪٽر ۾ 6 ايم او يوز تي صحيحون ڪيون آهن جڏهن ته لاجسٽڪس جي شعبي ۾ چئن ۽ زراعت ۽ فوڊ پروسيسنگ جي شعبي ۾ مفاهمت جي 10 يادداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي ملڪن جي نجي شعبن آپٽيڪل فائبر نيٽ ورڪ جي شعبي ۾ ليٽر آف انٽينٽ تي پڻ صحيحون ڪيون. واضح رهي ته بزنس ڪانفرنس شينزن 2024ع نه رڳو علائقائي منڊين ۾ پاڪستاني مصنوعات کي متعارف ڪرائڻ جي لاءِ راهه هموار ڪندي پر اها پاڪس??ان جي معيشت جي اسٽريٽجڪ تبديلين تي مضبوط علائقائي حڪومت ۽ ڪاروباري لاڳاپن تي مثبت اثر پڻ ڇڏيندي. تقريب منعقد ڪرڻ ۾ بورڊ آف انويسٽمينٽ اهم ڪردار ادا ڪيو. حڪومت جي ان بي ٽو بي قدمن سان ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ هڪ بي مثال اڳئين سطح جو صنعتي تعاون متوقع آهي.
پاڪستان ۽ چين جي ڪاروباري ماڻهن وچ ۾ بزنس ٽو بزنس گڏجاڻي کانپوءِ مختلف شعبن ۾ 32 مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری