اسلام آباد-21 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاور سيڪٽر ۾ گورننس کي مضبوط ڪرڻ لاءِ حڪومت جي مڪ??ل عزم جو اظهار ڪيو آهي. نائب وزيراعظم آفيس مان جاري پڌرائي موجب سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين (ڊسڪوز) جي نئين جوڙيل بورڊز آف ڊائريڪٽرز جي چيئرپرسنز جو ا??لا?? ٿيو. ا??لا?? ۾ بجلي واري وزير سردار اويس احمد خان لغاري به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊسڪوز طرفان انتهائي ضروري انساني وسيلن تي ڌيان جي حوالي سان ا??لا?? کي آگاهه ڪيو ويو. ا??لا?? دوران بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي چيئرپرسنز کي هدايت ڪ??ي وئي ته انساني وسيلن جي ضرورتن جي سطح کي فعال ضرورتن ۽ وڌ کان وڌ افاديت لاءِ آئوٽ سورسنگ جي اصولن، لائن لاسز ۾ گهٽتائي، بجلي چوري جي خاتمي ۽ ڪسٽمر ڪيئر جي روشني ۾ ٻيهر جائزو ورتو وڃي. نائب وزيراعظم ڊسڪوز ۾ گورننس جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومت جي مڪ??ل عزم جو اظهار ڪيو.
سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران پاور سيڪٽر ۾ گورننس کي مضبوط ڪرڻ لاءِ حڪومت جي مڪمل عزم جو اظهار
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش