اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته معاشري ۾ تعليم ۽ شعور سان امن کي هٿي ملي ٿي، نوجوان نسل کي تعليم ۽ تربيت سان ئي ملڪ ۽ قوم کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو، ??رڪاري ۽ نجي تعليمي ادارا نوجوان نسل کي معياري تعليم سان گڏ ان جي ڪردار سازي تي به خاص ڌيان ڏين، والدين ۽ استادن جي پهرين ذميداري آهي آهي ته هو قوم جي نوجوانن کي امن، معاشرتي ادب، صبر ۽ تحمل سان اڳيان وڌڻ جو درس ڏين ته جيئن هڪ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ سان گڏوگڏ ملڪ کي ترقي يافته بڻائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه راولپنڊي ۾ پنجاب ڪاليج ڊي 9 ڪيمپس ۾ انٽرميڊئيٽ جي شاگردن کي ويلڪم ايونٽ ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ڊائريڪٽر پنجاب گروپ آف ڪاليج چوڌري اڪرام، ڪي پي ڪي جي گورنر جي آجيان ڪئي ۽ ڪاليج جو دؤرو ۽ شاگردن جي حوصله اف??ائي ڪرڻ تي سندن شڪريو ادا ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي گورنر چيو ته ڪنهن به معاشري کي جيڪڏهن مثالي ??نائڻو هجي ته ان جي صرف تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏجي، معاشرو پاڻ ئي مثالي ??ڻجي ويندو. تعليم حاصل ڪرڻ جو مطلب صرف ڊگري وٺڻ ناهي پر ان سان گڏوگڏ معاشري جي اصلاح، تعمير ۽ تهذيب سکڻ به شامل آهي ته جيئن شاگرد پنهنج?? ديني، معاشرتي روايتن ۽ قدرن جو خيال رکي سگهن. هن خطاب ڪندي چيو ته انٽرميڊيئيٽ اوهان جي تعليمي سفر جو سڀ کان اهم حصو آهي، ان جي ڪارڪردگي اوهان جي ايندڙ سفر جو تعين ڪندي، جيڪڏهن توهان هتي تعليمي ڪارڪردگي ??يک??ريندا ته اوهان جي منزل آسان ٿي ويندي.
معاشري ۾ تعليم ۽ شعور سان امن کي هٿي ملي ٿي: خيبرپختونخوا جو گورنر
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II