اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آل پاڪستان نيوز پي??رز سوسائٽي (اي پي اين ايس) کي نيشنل نيوز پي??ر ريڊرشپ ڊي تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اخبارون ڪوڙي م??لو??ات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ حقيقتن تي ٻڌل خبرن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل نيوز پي??ر ريڊر شپ ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته اخبارون سياسي شعور وڌائڻ ۽ شهرين کي انهن جي حقن ۽ ذميوارين کان آگاهه ڪرڻ کانسواءِ خبرون فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، اخبارون معاشري ۾ اخلاقي ۽ جمهوري قدرن کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته اخبارن جي ذريعي ماڻهن ۾ سماجي ۽ ??قت??ادي مسئلن کان آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن ۾ برداشت، رواداري، بين ال??ذاهب هم آهنگي، حب ال??طني، شهري ذميواري ۽ انساني حقن جي احترام کي پڻ فروغ ڏيڻ گهرجي. صدر چيو ته اڄ جي تيز رفتار ڊيجيٽل دور ۾ جتي غلط م??لو??ات ۽ جعلي خبرون تيزي سان وائرل ٿي سگهن ٿيون، اتي اخبارن جو ڪردار اڃان به اهم ٿي ويو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته اخبارن کي جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي جعلي خبرن جي حوصلا شڪني جي لاءِ صحيح ۽ چڱي طرح سان تحقيق ٿيل خبرون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اخبارون ڪوڙي م??لو??ات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ حقيقتن تي ٻڌل خبرن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن. صدر چيو ته هڪ ذميوار پريس خبرن جي رپورٽنگ ۾ درستگي، انصاف پسندي ۽ توازن جي اعليٰ ترين معيار کي برقرار رکي ٿي، هڪ ذميوار پريس نه رڳو پيڙهيل آوازن کي ٻڌڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪري ٿي پر اهم مسئلن تي ڌرين جي وچ ۾ صحتمند بحث پڻ پيدا ڪري ٿي، ان جي لاءِ ضروري آهي ته پريس کي اهم مسئلن تي ماڻهن جي رهنمائي ۽ آگاهي جي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته ان ڏينهن اسان کي هڪ آزاد ۽ ذميوار پريس جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪرڻ گهرجي جيڪا جمهوري نظام جي ڪاميابي سان گڏوگڏ قومي ۽ عالمي اهميت جي مسئلن تي عوامي راءِ جوڙڻ جي لاءِ راهه هموار ڪري سگهي.
اخبارون ڪوڙي معلومات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ حقيقتن تي ٻڌل خبرن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil