اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل ??وم?? جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ ۾ آهي جتي هو جمعي ڏينهن 27 سيپٽمبر تي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم پائيدار ترقي جي هدفن تي گڏيل ??وم?? جي اهتمام هيٺ منعقد تقريب سسٽين ايبل ڊيولپمينٽ گولز ۾ شرڪت ڪئ?? جتي هن موسمياتي تبديلي بابت آفتن ۽ غيرمنصفاڻي عالمي مالياتي نظام سان وڌندڙ قرضن جي ڄار کان بچڻ جي لاءِ اسرندڙ ملڪن جي مدد تي زور ڏنو. ترجمان چيو ته وزيراعظم سمنڊن جي سطح ۾ اضافي جي ڪري وجودي خطري تي اعليٰ سطحي اجلاس ۽ گڏيل ??وم?? جي سلامتي ڪائونسل ۾ ڪالهه هڪ مباحثي ”ليڊرشپ فار پيس“ ۾ پڻ شرڪت ڪئ??. ترجمان چيو ته گڏيل ??وم?? جي سلامتي ڪائونسل ۾ اعليٰ سطحي مباحثي دوران وزيراعظم چيو ته وچ اوڀر، يورپ ۽ ٻين جاين تي پکڙجندڙ جنگيون، وڏين طاقتن جي ڇڪتاڻ ۽ وڌندڙ غربت ورلڊ آ??ڊر جي بنيادن جي لاءِ خطرو آهن. هن عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ دنيا ۾ امن ۽ سلامتي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي تجويز ڏني. ترجمان چيو ته پاڪستان انهن مقصدن جي لاءِ سلامتي ڪائونسل ۾ عمل پيرا ٿيندو جڏهن هو ايندڙ سال ڪائونسل ۾ پنه??جي سيٽ سنڀاليندو. هن چيو ته گڏيل ??وم?? جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم مالديپ جي صدر ڊاڪٽر ميوزو، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان، ايران جي صدر مسعود پازشڪيان، فلسطين جي صدر محمود عباس، ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح الخالد الحمد المبارڪ الصباح ۽ گڏيل ??وم?? جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون.
وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس کي جمعي ڏينهن خطاب ڪندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania