ڍاڪا-29 نومبر (اي پي پي) بنگلاديش ۾ هلندڙ ??ال ڊينگي سبب فوتگين جو تعداد 1600 کان وڌي ويو. ميڊيا رپو??ٽن موجب ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف هيلٿ سروسز ٻڌايو آهي ته هلندڙ ??ال کان هن وقت تائين 3 لک 9 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڊينگي سبب متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته ڊينگي سبب ٿيل فوتگين جو تعداد گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ڇهوڻ تي وڌيڪ آهي. صحت جي ماهرن هلندڙ ??ال ڊينگي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته ع??م طور تي سانوڻي جون برساتون ختم ٿيندي ئي ڊينگي وائرس گهٽجڻ شروع ٿي ويندو آهي جڏهن ته هلندڙ ??ال نومبر ۾ ڊينگي جا 38 هزار ڪيس رڪارڊ ڪيا ويا آهن. ڍاڪا جي بنگابنڌو شيخ مجيب ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر محمد شرف الدين احمد ٻڌايو ته گذريل سالن ۾ ان عرصي دوران اسان ڊينگي جو ڪو به مريض رڪارڊ نه ڪيو هو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال