رياض-20 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي عرب ۾ سرڪاري ادارن جي ڊجيٽل پليٽ فارم جي نگران انجنيئر احمد الصويان چ??و آهي ته اب??ر پليٽ فارم جي استعمال سان 23 ارب ريال جي بچت ٿي آهي. اردو نيوز موجب اب??ر پورٽل سان ماڻهن کي گهرو وزارت ۽ ان سان جڙيل ٻين ادارن جي آفيسن ڏانهن وڃڻ جي ضرورت ناهي رهي ۽ انهن جا ڪم آن لائن وڌيڪ سهولت ۽ گهٽ وقت ۾ ٿي ويندا آهن. انجنيئر احمد الصويان ڊجيٽل گورنمينٽ جي حوالي سان سيمينار ۾ ڳالهائيندي چيو ته ڊجيٽل پليٽ فارمز سبب سرڪاري ادارن جي آفيسن ۾ ايندڙن جي تعداد ?? 95 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، ويزا 48 ڪلاڪن بدران صرف 60 سيڪنڊن ۾ جاري ٿئي ٿو، اها ڪاميابي ڊجيٽل گورنمينٽ پليٽ فارم سبب ئي ممڪن ٿي. هن چ??و ته مملڪت ۾ حڪومتي ادارن جي ڊجيٽلائيزيشن کانپوءِ م??املن کي سرانجام ڏيڻ ۾ تيزي ۽ بهتري آئي آهي، ٿري ڊي پرنٽنگ ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ميڊيڪل جي شعبي ۾ به بهتري آئي آهي، عدل واري وزارت کان وڪالت نامو ٺهر??ئڻ جي حوالي سان هن چ??و ته ماضي ۾ ڪنهن به نوعيت جو وڪالت نامو ٺهر??ئڻ لاءِ 100 منٽن جو وقت لڳندو هو پر هاڻي اهو ئي وڪالت نامو رڳو 31 منٽن ۾ حاصل ڪري سگهجي ٿو، هن چ??و ته اب??ر پليٽ فارم تي نئين سهولتن تحت مقامي شهري ۽ رهندڙ پرڏيهي ٽريفڪ حادثن تي چالان خلاف اعتراض داخل ڪرائي سگهن ٿا. ان کانسواءِ اب??ر ماڻهن ذريعي هٿيار جي ملڪيت جي منتقلي به لرا: سگهجي ٿي، اهڙي طرح اب??ر ماڻهن ذريعي ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪرائي سگهجي ٿو، هن جو چوڻ هو ته اب??ر اعمال ذريعي موٽرسائيڪل ۽ روڊ بزنس پرمٽ وغيره جي سهولت به مهيا آهي.
سعودي عرب جي سرڪاري ادارن ۾ ڊجيٽل پليٽ فارم ابشر جي استعمال سان 23 ارب ريال جي بچت ٿي: انجنيئر احمد الصويان
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2