گڏيل قومون- 25 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي نائب پرڏيهي وزير انجنيئر وليد الخريجي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي کليل بحث ۾ شرڪت ڪئي. هن اجلاس کي خطاب دوران چيو ته اسرائيل جي مسلسل جارحاڻي حملن، وڏي پئماني تي انڌڌنڌ ??مب??ري سان غزه جي صورتحال سنگين آه??، ڇڪتاڻ وڌندي پئي وڃي. اسرائيلي جارحيت سبب متاثرن جي انگ ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آه??. هن سعودي عرب جو موقف پيش ڪندي غزه ۾ هٿين خالي شهرين کي شهيد ڪرڻ جو سلسلو بند ڪرائڻ لاءِ فوري ۽ ٺوس قدم کڻڻ ۽ ان تڪرار جي خاتمي لاءِ عالمي برادري جي گڏيل ذميواري تي زور ڀريو. هن چيو ته غزه ۾ جاري جنگ پوري دنيا جي سامهون ٿي رهي آه??. ان جي نتيجن جا سڀ ذميوار آه??. هن چيو ته سعودي عرب غزه جي جنگ جو دائرو پکيڙي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام تي ان جي اثرن کان خبردار ڪري چڪو آه??. اسان جي ترجيح انساني مصيبتن ۽ فلسطين ۾ عسڪري قدمن جو خاتمو آه?? جڏهن ته احمر سمنڊ ۽ يمن ۾ ٿيل عسڪري حملا ڳڻتي جوڳا آه??. سعودي نائب پرڏيهي وزير چيو ته غزه بحران جي ناڪاري اثرن سان پاڙيسري ملڪن ۽ عال??ي امن ۽ سلامتي کي درپيش خطرن کان بچائڻ لاءِ ضروري قدم کڻڻا پوندا.
غزه ۾ جنگ پوري دنيا جي سامهون ٿي رهي آهي، ان جي نتيجن جا سڀ ذميوار آهن: سعودي وزير
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania