رياض – 11 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي فرمانروا خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي، ته اسان لاءِ تڪليف جو سبب آهي جو رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ به اسان جا فلسطيني ڀائر اسرائيلي جارحيت کي منهن ڏئي رهيا آهن. شاهه سلمان ر??ضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني جي آمد تي مم??ڪت جي شهري ۽ سمورن مسلمانن کي مبارڪون ڏنيون. پنهن??ي پيغام ۾هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عالمي برادري فلسطين ۾ جاري اسرائيل جي وحشياڻي ڏوهه کي روڪڻ، محفوظ انساني ۽امدادي راهداريون کولڻ جون ذميواريون ادا ڪري، ان مم??ڪت جي حدن جي حفاظت ڪندڙ عسڪري، سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن ۽ وطن جي خدمتن ۾ مصروف مختلف کاتن سان تعلق رکندڙ سمورن سرڪاري ملازمن کي به ڀلاري مهيني جون خاص مبارڪون ڏنيون. شاهه سلمان چيو ته اسان الله پاڪ جو شڪر ادا ڪيون ٿا ??نهن هن ملڪ کي اسلام جو سرچشمو بڻايو، جتان اسلام جو پيغام سڄي دنيا ۾ پکڙيو ۽ اسان کي الحرمين الشريفين ۽ ان جي زائرين جي خدمت جو موقعو ڏنو. پيغام جي آخر ۾ مم??ڪت جي امن ۽ خوشحالي ۽ روزيدارن جا روزا قبول ٿيڻ جي دعا ڪئي.
رمضان المبارڪ ۾ فلسطيني ڀائرن کي اسرائيلي جارحيت جو منهن ڏسڻو پيو، عالمي برادري امن لاءِ ڪردار ادا ڪري: سعودي عرب
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo