عمان – 26 مارچ (اي پي پي) گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري ج??رل انتونيو گوتريش چيو آهي، ته فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قوم?? جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي انروا سان سهڪار جاري رکيو ويندو. سيڪريٽري ج??رل انروا تي لڳاتار اسرائيلي الزامن ۽ حملن کان پوءِ ان ا??اري جي حوالي سان ا??د?? جي گادي واري هنڌ عمان ۾ پريس ڪانفرنس ۾ انهن ملڪن کان مطالبو ڪيو جن انروا جي فنڊنگ روڪڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته هو پنهنجي موقف کان پوئتي هٽي وڃن. هن عمان ۾ واقع وحدت مهاجر ڪيمپ جو دورو پڻ ڪيو. عالمي اداري جي سربراهه چيو ته انروا نهايت ڏکين حالتن ۾ ڪم ڪري رهي آهي. هن جو چوڻ هو ته امدادي اداري خلاف الزام?? جي جاچ جاري آهي ۽ انروا جي مالي سهڪار بند ڪرڻ وارن ڪجهه ملڪن پنهنجو فيصلو تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪجهه ملڪ جاچ نتيجن جا منتظر آهن. هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته انروا کي ٻيهر مالي سهڪار فراهم ڪرڻ شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته ايجنسي غزه ۾ شهري?? جي زندگي مهيا ڪرڻ جو هڪ اهم رستو آهي ۽ اسان ان کي مضبوط بڻائڻ جون ڪوششون جاري رکنداسين.
انروا سان سهڪار جاري رکيو ويندو: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس