ٽورنٽو – 4 نومبر (اي پيپي ) ڪينڊا جي وزيراعظم ٽورنٽو ويجهو هندو مندر ۾ ٿيل تشدد جي واقعي جي مذمت ڪندي ان کي ناقابل قبول قر??ر ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٽورنٽو جي علائقي بريمپٽن ۾ هن??و سڀا مندر ۾ چڪريون ٿيون جنهن جو الزام ڪجهه سک ڪارڪنن تي لڳايو ويو آهي. بريمپٽن ٽورنٽو جي اتر اولهه ۾ اٽڪل 50 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. مقامي پوليس جو چوڻ آهي ته هن??و سڀا مندر ٻاهران وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. ريجنل پوليس جي ترجمان ٻڌايو ته هن وقت تائين ڪا گرفتاري ناهي ٿي. ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو ته بريمپٽن ۾ هن??و سڀا مندر ۾ تشدد جون ڪاروائيون قبول ڪرڻ جوڳيون نه آهن. ڪينيڊا جي هر شهري کي آزادي ۽ تحفظ سان پنهنجي عقيدي تي ??مل پيرا ٿيڻ جو حق آهي. لبرل پارٽي جي هڪ ميمبر چندر آريا ان وقعي جو الزام خالصتانين تي لڳايو آهي. هن ايڪس تي پوسٽ ۾ لکيو آهي ته ڪينڊا جي خالصتاني انتهاپسندن ريڊ لائن پار ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته بريمپٽن ۾ هن??و سڀا جي اڱڻ ۾ هندو ڪينڊين عقيدت مندن تي ??الصتانين جو حملو ظاهر ڪري ٿو ته ڪينيڊا ۾ خالصتاني پرتشدد انتها پسندي ڪيتري وڌي وئي آهي. سوشل ميڊ??ا تي گردش هيٺ ويڊيو ۾ خالصتان جا ڦڪي رنگ جا جهنڊا ڏيکاريا ويا آهن، واضح رهي ته خالصتان هڪ عليحدگي پسند تحريڪ آهي، جيڪا سکن لاءِ هڪ الڳ رياست جو مطالبو ڪري ٿي، ڪينيڊا ۽ ڀارت وچ ۾ ناتا هن وقت ڇڪتاڻ اختيار ڪري ويا آهن. جڏهن ته اوٽاوا ڀارتي ??ڪومت تي 2023ع ۾ 45 ورهين جي ڪينيڊا جي شهري هر??يپ سنگهه نجر جي قتل جي رٿابندي جو الزام لڳايو، جيڪو خالصتان تحريڪ جو هڪ اهم اڳواڻ هو. هر??يپ سنگهه نجر جي قتل کان علاوه ڪينيڊا ڀارت تي ??هو به الزام لڳايو آهي، ته اهو سندن ڌرتي ??ي سکن کي نشانو بڻائڻ لاءِ وڏي پئماني تي مهم هلائي رهيو آهي.
ٽورنٽو ويجهو هندو مندر ۾ تشدد جو واقعو قبول ڪرڻ جوڳو ناهي: ڪينڊا جو وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت