لاس اينجلس – 13 ج??وري(اي پي پي) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر لاس اينجلس جي ٻيلن ۾ لڳل باهه 80 ڪلو ميٽرن جي رفتار سان هلندڙ هوائن سبب وڌيڪ ع??ائ??ن ۾ پکڙجي وئي آهي ۽ هوا جي رفتار 112 ڪلو ميٽرن تائين پهچڻ جي اڳڪٿي سبب باهه جو وڌيڪ ع??ائ??ن تائين پکڙجڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا آمريڪا جي نيشنل ويڌر سروس جي موسميات جي ماهر روزشوئن فيلڊ جي حوالي سان ٻڌايو ته انتهائي تيز هوائن سبب حالتون ڊرامائي طور تي خراب ٿيڻ واريون آهن. مقامي اختيارين مطابق لاس اينجلس جي ٻيلن ۾ لڳل باهه وسائڻ لاءِ فائر فائٽرز، گاڏيون ۽ ٻيا اوزار شهر ۾ پهچي رهيا آهن. نيويارڪ ٽائيمز جي رپورٽ مطابق ٻيلن ۾ لڳل باهه سبب فوتين جو انگ 24 ٿي ويو آهي ۽ ٻن ??ڏن ع??ائ??ن ۾ لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏي??و پئجي رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea