اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري م??لڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اسان جو بنيادي م??صد تعليم جي شعبي ۾ بهتري آڻڻ آهي ته جيئن سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ جا بهتر ۽ برابر موقعا ۽ سهولتون ملي سگهن، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وزيراعظم جي تعليمي سڌارن جي پروگرام تحت اسلام آباد جي 422 اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ نجي اسڪولن جي انتظاميا جي مدد سان سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ جامع سڌارن جو پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، سرڪاري اسڪولن جي فزيڪ?? انفراسٽرڪچر، ڪوالٽي آف ايجوڪيشن ۽ استادن جي سگهه ۾ بهتري جي لاءِ ٽيچرز ٽريننگ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، ايندڙ تعليمي سال شروع ٿيڻ سان وفاقي گادي واري ش??ر جي اسڪولن جي شاگردن کي معياري ٽرانسپورٽ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. نجي اسڪول جي فن فيئر ميلي جي تقريب جي م??قعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري م??لڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته سرڪاري شعبي جي اسڪولن جي معياري تعليم ۾ بهتري جي لاءِ وزيراعظم جي تعليمي سڌارن واري پروگرام تحت استادن جي سگهه ۾ بهتري جي لاءِ ايڊوائيزري ڪائونسل جي مشاورت سان قدم کنيا پيا وڃن.
اسان جو بنيادي مقصد تعليم جي شعبي ۾ بهتري آڻڻ آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام