اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) ملڪ ۾ سياحت جي فروغ، صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ موثر رابطن، سياحت جي حوالي سان صوبائي ريگيوليٽري فريم ورڪ قائم ڪرڻ، عالمي سطح تي ملڪي سياحت کي اجاگر ڪرڻ جهڙن ا??م مقصدن جي لاءِ 25 رڪني نيشنل ٽورازم ڪوآرڊينيشن بورڊ جوڙڻ جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته پي ٽي ڊي سي جي نئين سر تنظيم سازي جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٽورازم ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، بين ا??صوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهيمده مرزا، خصوصي معاون ا??تخار دراني?? ذوالفقار بخاري، صوبائي وزيرن ۽ ٽاسڪ فورس جي ميمبرن شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی