اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورتن ۽ خصوصي ماڻهن سميت معاشري جي ??حروم طبقن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ ترقي جا گهربل نتيجا حاصل نٿا ڪري سگهجن، اسان کي هڪ صحتمند ۽ معياري معاشري جي جوڙجڪ لاءِ عورت کي صحت، سماجي حيثيت ۽ معيشت جي ??حاظ کان مضبوط بڻائڻو پ??ند??، مختلف شعبن ۾ ڪامياب عورتن جي ??حنت ۽ جدوجهد کي ماڊل طور تي پيش ڪرڻ گهرجي، ميڊيا ۽ عالم سڳورا عورتن کي انهن جا حق ڏيڻ جي حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي ??ناسبت سان منعقد تق??يب کي خطاب ڪندي ڪيو. انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري، بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال، يو اين وومين جي ??اڪستان ۾ ڪنٽري هيڊ شرميلا رسول ۽ پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير ايندر لاڪا مينارا به تق??يب کي خطاب ڪيو. تق??يب ۾ پارليامينٽ جي ??يمبرن، غير ملڪي سفارتڪارن ۽ زندگي جي ??ختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ عورتن به شرڪت ڪئي. صدر چيو ته مجموعي ترقي لاءِ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ضروري آهي، عورتن جي حقن جا قانون پاڪستان قائم ٿيڻ جي ??قت کان موجود آهن تنهن ه??ند?? به انهن تي موثر عملدرآمد جي سلسلي ۾ قانون ۾ ترميمون آنديون پيون وڃن. هن چيو ته اسلام عورت جي حقن ۽ معاشري ۾ باعزت مقام جو درس ڏي ٿو جنهن جي باري ۾ ماڻهن کي مڪمل ??گا??ي ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته عورت جي صحت ۽ ٻارن جي ??اڌويجهه جو گهرو لاڳاپو آهي، اسان کي هڪ صحتمند ۽ معياري معاشري جي جوڙجڪ لاءِ عورت کي صحت، سماجي حيثيت ۽ معيشت جي ??حاظ کان مضبوط بڻائڻو پ??ند??. هن چيو ته ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن جي عورتن جي صحت جي ??سئلن جي ڏس ۾ فوري طبي مشوري لاءِ ٽيلي هيلٿ سروس جو انتظام ڪرڻ گهرجي، ان سان خاص طور تي انهن عورتن کي سهولت ملندي جيڪي مختلف سببن جي ڪري اسپتالن سان فوري رجوع نٿيون ڪري سگهن. هن چيو ته عورتون پنهنجي روين جي ذريعي وڌيڪ ذميوار ثابت ٿينديون آهن، ان جو ثبوت اهو آهي ته عورتن پاران قرضن جي ??اپسي جي شرح سئو سيڪڙو آهي، هن چيو ته حڪومت عورتن جي سهولت لاءِ آسان قرض ڏيڻ جي اسڪيم متعارف ڪرائي آهي تنهن ه??ند?? به عورتن جي اڪثريت کي ان بابت مڪمل ??گا??ي نه هجڻ جي ڪري اهي ان سهولت مان فائدو نٿيون کڻي سگهن، لاڳاپيل ادارن ۽ تنظيمن کي ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ ترقي جا گهربل نتيجا حاصل نٿا ڪري سگهجن: صدر
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر