اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته ڀارتي فورسز پاران سيد علي گيل??ني مرحوم جي گهرڀاتين جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ شرمناڪ قدم آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خ??ن چيو ته اڳ ۾ 92 سالا سيد علي گيل??ني جيڪو محترم ترين ۽ بااصول ڪشميري اڳواڻن مان هڪ آهي جي ميت کسڻ ۽ پوءِ ان جي گهرڀاتين جي خلاف ڪيس ٺاهڻ نازين کان متاثر آر ايس ايس – بي جي پي سرڪار جي هٿان هندستان جي سفاڪيت جو هڪ ٻيو شرمناڪ مٿال آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ سان گڏ ڀارتي اخبار ٽائيمز آف انڊيا جي خبر پڻ شيئر ڪئي آهي، خبر موجب غيرقانوني طور ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڪشمير جي پوليس سيد علي گيل??ني جي تدفين جي موقعي تي ڀارت مخالف نعرا لڳائڻ ۽ مرحوم جي ميت کي پاڪست??ني جهندي ۾ ويڙهڻ تي سيد علي گيل??ني جي گهرڀاتين ۽ ٻين ماڻهن جي خلاف ??ڊگ??م پوليس اسٽيشن ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي آهي.
ڀارتي فورسز پاران سيد علي گيلاني مرحوم جي گهرڀاتين جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ شرمناڪ قدم آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha