واشنگٽن -14 سيپٽمبر (اي پي پي)آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير اسد مجيد خان چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ اڃا تائين طالبان کي باقاعده طور تسليم ناهي ڪيو، عالمي برادري جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ لاءِ ا??غا??ستان جي نئين حڪومت جي صلاحيت جو جائزو وٺي رهيا آهيون. ڀارت ۾ بنياد پرست حڪومت اسان جي امن قدمن کي رد ڪري ڇڏيو. ٻنهي ملڪن وٽ امن کا?? سواءِ ڪو ٻيو آپشن ناهي. هن اهڙو اظهار هن آمريڪا جي ميڊيائي اداري ”دي واشنگٽن ڊپلوميٽ“ کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. ا??غا??ستان جي صورتحال جي حوالي سان پاڪستاني سفير چيو ته هي وقت آهي ته ماضي مان سبق سکجي. اسان جو تسلسل سان اهو موقف رهيو آهي ته ا??غا?? تڪرار جو ڪو به فوجي حل ناهي، اسان اهو به واضح ڪيو ته آمريڪي فوج جي ذميواراڻي واپسي سان امن عمل ۾ پيش رفت ٿيندي. اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان بين الا??غا?? ڳالهين جي حمايت ڪئي ۽ ان حوالي سان اهم پيش رفت به ٿي. هن چيو ته ا??غا??ستان ۾ سيڪيورٽي صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، طالبان عام معافي جو اعلان ڪيو آهي ۽ ڪهڙي قسم جي به انتقامي ڪارروائين ۾ ملوث ناهي ٿيو. هن چيو ته خدشن جي برعڪس وڌيڪ ا??غا?? مهاجرين پاڪستان ناهن آيا. 2 ڏهاڪا اڳ آمريڪا تي بدترين دهشتگرد حملن بابت سوال ??ي هن چيو ته اسان جون دلي همدرديون سوڳوار خاندانن سان آهن. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جو وڏو نقصان ٿيو. هن جنگ ۾ اسان جون 80 هزار کا?? وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون. جڏهن ته معيشت کي 150 ارب ڊالرن کا?? وڌيڪ نقصان ٿيو. هن چيو ته اسان پاڻ دهشتگردي جو نشانو بڻياسين ان ڪري متاثرين جو ڏک سمجهي سگهون ٿا. پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي حوالي سان سوال تي سفير چيو ته آمريڪا سان پاڪستان جا لاڳاپا هميشه کا?? اهم رهيا آهن. نائين اليون بعد اسان ا??غا??ستان کي نظر ۾ رکندي گڏ رهيا آهيون. هڪ س??ال جي جواب ۾ پاڪستاني سفير چيو ته وال اسٽريٽ جي صحافي ڊينئل پرل جو قتل هڪ س??گين ڏوهه هو مان ان جي سوڳوار خاندان سان ذاتي طور تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ڪنهن ماءُ لاءِ اهو صدمو برداشت جوڳو نه هوندو آهي. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪيتريون ئي مائرون پنهنجي پٽن کا?? محروم ٿيون. اسان کي فوت ٿيلن تي افسوس آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته ٻيهر ايئن نه ٿئي.
ڪنهن به ملڪ اڃا تائين طالبان کي باقائده طور تسليم ناهي ڪيو، عالمي برادري سان ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ لاءِ افغانستان جي نئين حڪومت جي صلاحيت جو جائزو وٺي رهيا آهيون: آمريڪا ۾ مقرر پاڪستان جو سفير
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ