اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چيو آهي ته حڪومت خيبرپختونخوا ۾ سياحت ۽ زرا??ت جي شعبي مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گذريل سال پوري ملڪ مان سي??حن جو رڪارڊ تعداد اترين علائقن ۽ خيبرپختونخوا جو رخ ڪيو، سياحت جي شعبي جي ترقي س??ن روزگار جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم عمران خا?? سان خيبرپختونخوا جي گورنر شاهه فرمان، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خا?? ۽ خيبرپختونخوا جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر شهزاد بنگش ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خيبرپختونخوا جي سياسي صورتحال ۽ سروس ڊليوري جي بهتري لاءِ حڪومت جي کنيل قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کانسواءِ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن خاص طور تي سياحت جي فروغ لاءِ انفرااسٽرڪچر جي بهتري تي اڳڀرائي تي به بريفنگ ڏني وئي. زيتون، زعفران، ٻير جي ماکي ۽ معدنيات جي حوالي س??ن صوبي جي قدرتي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ صوبائي حڪومت جي قدمن ۽ انهن شعبن جي برآمدات وڌائڻ لاءِ کنيل قدمن تي به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم منصوبن جي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.
حڪومت خيبرپختونخوا ۾ سياحت ۽ زراعت جي شعبي مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی