اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جو صدر ۽ متحده مخالف ڌر جو ??تفقه اميد??ار محمد شهباز شريف نئون وزيراعظم چونڊجي ويو آهي، هُو 174 ووٽ کڻي ملڪ جو 23هون وزيراعظم چونڊجي ويو، پينل آف چيئرمين اياز صادق قومي ا??يم??لي جي اجلاس جي صدارت ڪئي، قائدايوان جي چونڊن جي لاءِ مقرر طريقيڪار ۽ ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اياز صادق اعلان ڪيو ته محمد شهباز شريف قائد ايوان لاءِ 174 ووٽ حاصل ڪيا، ان کان اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف ج?? اميد??ار شاهه محمود قريشي قائدايوان جي چونڊن جي بائيڪاٽ ۽ تحريڪ انصاف پاران قومي ا??يم??لي جي سيٽن تان استعيفائن جو اعلان ڪيو، جنهن کانپوءِ تحريڪ انصاف ۽ اتحادي پارٽين جا ميمبر ايوان مان ٻاهر هليا ويا، اهڙي طرح شهباز شريف قائد ايوان جي عهدي لاءِ واحد اميد??ار هو، نئون چونڊيل وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جو صدر آهي ۽ ٽي ڀيرا پاڪستان جي وزيراعظم رهندڙ ميان نواز شريف جو ??نڍو ڀاءُ آهي، محمد شهباز شريف پهريون ڀيرو 1988ع ۾ پنجاب ا??يم??لي جو ??يمبر ٿيو، 1990ع ۾ قومي ا??يم??لي جو ??يمبر چونڊيو ويو، 1993ع ۾ پنجاب ا??يم??لي جو ??يمبر بڻ??و ۽ 1996ع تائين مخالف ڌر اڳواڻ رهيو، 1997ع ۾ ٽيون ڀيرو پنجاب ا??يم??لي جو ??يمبر بڻ??و ۽ وڏو وزير ٿيو. 2008ع ۾ چوٿون ڀيرو بنا مقابلي پنجاب ا??يم??لي جو ??يمبر چونڊجي ويو ۽ 8 جون 2008ع کان 26 مارچ 2013ع تائين ٻيو ڀيرو پنجاب جو ??ڏو وزير رهيو، مئي 2013ع جي عام چونڊن ۾ صوبائي ا??يم??لي جي ٽنهي سيٽن (پي پي 159، پي پي 161، پي پي 247) ۽ (اين اي 129) جي هڪ قومي سيٽ تي ڪامياب ٿيو، تنهن هوندي به هن پي پي 159 جي سيٽ برقرار رکي، نتيجي ۾ هو ٽيون ڀيرو رڪارڊ حيثيت ۾ پنجاب جو ??ڏو وزير چونڊجي ويو. شهباز شريف 2018ع ۾ به قومي ا??يم??لي ميمبر چونڊجي ويو ۽ قومي ا??يم??لي ۾ 10 اپريل 2022ع تائين مخالف ڌر اڳواڻ رهيو، کيس متحده مخالف ڌر، عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي کانپوءِ وزارت عظميٰ جو اميد??ار نامزد ڪيو.
مسلم ليگ (ن) جو صدر ۽ متحده مخالف ڌر جو متفقه اميدوار محمد شهباز شريف نئون وزيراعظم چونڊجي ويو
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania