اسلام آباد – 22 R11; اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ليجنڊري فنڪار معين اختر جي 11 هين ورسيءَ تي مرحوم کي خراج عقيدت پي?? ڪندي چيو آهي ته معين اختر مرحوم هڪ باڪمال فنڪار ۽ ٻين جي ڏک سک ۾ ڪم ايندڙ انتهائي نفيس انسان هو، سنجيده يا مزاحيه هر ڪردار ائين نڀايو جو ان جي مداحن جي ذهن ۽ دل ۾ اڄ به زندهه آهي. هن چيو ته ميزباني سان ص??اڪاري ۽ گلوڪاري، تصنيف کان پروڊڪشن ۽ هدايتڪاري تائين فن جي هر شعبي ۾ هن پنهنجي صلاحيتن کي مڃراي??، ڪردار ۾ معين اختر کي گم ڪري ڇڏيندڙ معين اختر اسان جي يادن مان به ڪڏهن به گم نه ٿيندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند فرمائي ۽ سندس گهرڀاتين ۽ مداحن کي صبر جميل ڏي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی